سنڌ

جاگيردارن کان اقتدار کسڻ تائين سنڌ جو مقدر تبديل نه ٿيندو: ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ جي عوام کي ڪا به بنيادي سهولت ميسر ناهي. بک، بيروزگاري ۽ بدحالي سبب عوام خودڪشين تي مجبور آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پارٽي جي سينيئر مرڪزي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته گذريل 15 سالن کان سنڌ مٿان مسلسل حڪمران رهندڙ پ پ پ سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آھي، سنڌ جي عوام کي نه پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ٿي سگهيو نه وري صحت ۽ تعليم جون سهولتون ميسر آهن، سنڌ جي روڊ رستن سميت سمورو انفراسٽرڪچر تباھه ۽ برباد ٿي ويو آهي پر هنن حڪمرانن کي ڪنهن به قسم جو ڪو فڪر ناهي، جيڪي ڪرپشن جي ذريعي پنهنجون ٽجوڙيون ڀرڻ ۾ پورا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ پ پ پ هاڻي صرف وڏيرن ۽ جاگيردارن جي پارٽي آهي جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر سنڌ جي قومي مفادن جو سودو ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ وڌندڙ منشيات فروشي ۽ واهپي سبب نوجوان نسل مڪمل تباھه ٿي رهيو آهي منشيات جي هن ڪاروبار کي پوليس ۽ چونڊيل نمائندن جي مڪمل سهولتڪاري مليل آهي، جنهن سبب منشيات فروشن خلاف ته ڪابه ڪارروائي نٿي ٿئي پر جيڪڏهن ان جي خلاف ڪو آواز ٿو اٿاري ته ان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هيسايو ٿو وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جي ساڃاھه وند سنڌ دوست پورهيت طبقي کي متحد ٿي پنهنجي وطن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ صف بندي ڪرڻي پوندي. سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته جيستائين هنن جاگيردارن کان اقتدار کسي سنڌ جي پورھيت طبقي جي نمائندن کي نه ملندو تيستائين سنڌ جو مقدر تبديل نه ٿيندو ان لاءِ سنڌ جي عوام کي پنهنجي ووٽ جو درست استعمال ڪرڻو پوندو ۽ جاگيردارن وڏيرن جي نمائندا پارٽين بدران سنڌ پرست ۽ پورهيت دوست ڌرين جي نمائندن کي اسيمبلي ۾ موڪلڻو پوندو. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ حيدر شاهاڻي ، حيدر ملاح ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ،عاشق سولنگي ،قادر چنا ،امتياز سمون، هوت خان گاڏهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٻئي طرف اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اجلاس 13 جولاءِ تي سڏايو ويندو جنهن ۾ سمورا ضلعي صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ ايندڙ عام اليڪشن بابت رٿابندي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button