تازوئي ماحولياتي تبديلي بابت گلاسگو ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس ۾ توانائي سبب گدلاڻ وارن طريقن بدران شفاف ذريعن مان گرين انرجي ٺاهڻ خاطر جيڪي طريقا بحث هيٺ آيا، انهن مان ائٽمي توانائي جو مناسب يا نامناسب هجڻ به شامل هو. هر فارمولي وانگر ائٽمي توانائي کي هٿي ڏيڻ يا نه ڏيڻ جي حق ۽ مخالفت ۾ دليل ڏنا ويا. پر جهڙي ريت ماحولياتي ٽائيم بم 12 جي انگ تي پهچڻ لاءِ آخري ٽڪ ٽڪ ڪري رهيو آهي، دنيا وٽ پنهنجي پسند ۽ ناپسند کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ بنهه ٿورو وقت رهجي ويو آهي، ته ڇا ائٽمي توانائي به گدلاڻ واري توانائي جي مستقل متبادل جي ڳولا تائين هڪ عبوري حل پيش ڪري سگهي ٿي.
هن وقت جڏهن به عالمي ائٽمي ڪلب جو ذڪر ٿئي ٿو، فقط ائٽمي هٿيارن وارن 9 ملڪن جا نالا ذهن ۾ اچن ٿا. جڏهن ته ائٽمي طاقت جي استعمال جي صلاحيت فقط هٿيار ٺاهڻ تائين محدود ڪونهي بلڪه توانائي ۽ طبعي ميدان ۾ ان جا استعمال چڱا خاصا آهن. ان اعتبار کان ڏٺو وڃي ته عالمي ائٽمي ڪلب جا 9 نه 34 ميمبر آهن.
جيئن اسرائيل اتر ڪوريا جي تحويل ۾ رڳو ائٽمي هٿيار آهن، جڏهن ته 7 ملڪ آمريڪا، روس، چين، برطانيا، فرانس، ڀارت ۽ پاڪستان وٽ نه رڳو ائٽمي هٿيار آهن پر اهي توانائي سوڌو ٻين شعبن ۾ به ائٽمي صلاحيت جو استعمال ڪري رهيا آهن. 25 ٻيا ملڪ به ائٽمي توانائي حاصل ڪري رهيا آهن ۽ غير عسڪري شعبن ۾ به ائٽمي صلاحيت کان ڪم وٺي رهيا آهن.
انهن ملڪن ۾ ارجنٽينا، آرمينيا، بيلا روس، بلغاريا، بيلجيم، برازيل، ڪئناڊا، چيڪ ريپبلڪ، انگلينڊ، جرمني، هنگري، ايران، جاپان، ميڪسيڪو، نيدرلينڊ، رومانيا، سيلوينيا، سلواڪيا، ڏکڻ آفريڪا، اسپين، ڏکڻ ڪوريا، سوئيڊن، سوئيزرلينڊ، يوڪرين ۽ گڏيل عرب اماراتون شامل آهن.
ائٽمي ريئڪٽر سان عالمي پئماني تي 10 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. جن 32 ملڪن وٽ جوهري پلانٽ آهن، انهن مان 18 ملڪن جو تعلق يورپ سان آهي. فرانس بجلي جي ضرورتن جو 71 سيڪڙو ائٽمي توانائي مان پورو ڪري ٿو. يوڪرين 51 سيڪڙو، هنگري 48 سيڪرو، بلغاريا 41 سيڪڙو، بيلجيم جي 39 سيڪڙو، سيلوينيا جي 38 سيڪڙو، چيڪ ريپبلڪ 37 سيڪڙو، آرمينيا 35 سيڪڙو، فنلينڊ 34 سيڪڙو، سوئيزر لينڊ 33 سيڪڙو، سوئيڊن 30 سيڪڙو، اسپين 22 سيڪڙو، روس 21 سيڪڙو، رومانيا 20 سيڪڙو، برطانيا ۽ ڪينيڊآ 15 سيڪڙو، جرمني 11 سيڪڙو، ارجنٽينا 11 سيڪڙو، پاڪستان 7 سيڪڙو، ڏکڻ آفريڪا 6 سيڪڙو، ميڪسيڪو ۽ چين 5 سيڪڙو، ڀارت ۽ نيدر لينڊ 3 سيڪڙو، برازيل ۽ ايران 2 سيڪڙو، بيلا روس ۽ گڏيل عرب امارات هڪ سيڪڙو بجلي ائٽمي ذريعن مان حاصل ڪن ٿا.
2011ع تائين جاپان پنهنجي بجلي جون 30 سيڪڙو ضرورتون ائٽمي پلانٽ مان پوري ڪري رهيو هو. پر سونامي سبب فوڪوشيما پلانٽ مان تابڪاري خارج ٿيڻ کانپوءِ سمورن ائٽمي ريئڪٽرس کي معائني کانپوءِ بند ڪيو ويو. ان کانپوءِ جاپان رڳو 5 سيڪڙو بجلي ائٽمي ذريعن مان پيدا ڪري رهيو هو.
ماحولياتي گدلاڻ جو ذميوار سڀ کان وڏو ملڪ آمريڪا اڄ توانائي جون 60 سيڪڙو ضرورتون روايتي گدلاڻ واري ٻارڻ (تيل ۽ ڪوئلي) گدلاڻ مان حاصل ڪري رهيو آهي. جڏهن ته 20 سيڪڙو بجلي شمسي توانائي، هوا، پاڻي ۽ 20 سيڪڙو ائٽمي توانائي مان پيدا ٿي رهي آهي.
ائٽمي توانائي جي بهتر استعمال جي باري ۾ بدظني پهرئين ڏينهن کان ئي پيدا ڪئي وئي، جڏهن هيرو شيما ۽ ناگاساڪي تي ترتيبوار 6 ۽ 9 آگسٽ تي ائٽم بم ڪريو. تنهنڪري جيئن ئي ذهن ۾ لفظ ائٽم اچي ٿو ته موت جي ڇٽي جو تصور اچي وڃي. هن تصور کي 45 سال اڳ تائين جاري رهندڙ سرد جنگ دوران غير روايتي هٿيارن جي بي لغام ڊوڙ وڌيڪ پختو ڪري ڇڏيو. هن وقت 9 ملڪن جي تحويل ۾ 13150 هٿيار آهن، انهن مان 90 سيڪڙو هٿيارن جا مالڪ آمريڪا ۽ روس آهن. سرد جنگ جي عروج ۾ 1986ع تائين انهن هٿيارن جو انگ لڳ ڀڳ 65 هزار هو. ٿورو سوچيو انساني بدظني ۽ غلبي جي خواهش اهڙن مهانگن هٿيارن جي تياري، سار سنڀال ۽ پوءِ انهن کي ختم ڪرڻ تي ڪيتري قدر سرمايو خرچ ڪرايو. پر ائٽمي هٿيارن ۾ ڪافي گهٽتائي کانپوءِ دنيا جا بنيادي مسئلا جيئن جو تيئن به نه رهيا آهن بلڪه وڌيڪ خراب ٿيا آهن. سرد جنگ جي پڄاڻي کانپوءِ اميد هئي ته هاڻي ائٽمي هٿيارن جي ضرورت گهٽجي ويندي. هڪ پاسي آمريڪا ۽ روس پنهنجو 2 ڀاڱي 3 ذخيرو ختم ڪيو ته ٻين ملڪن پنهنجن هٿيارن جا ذخيرا وڌائڻ شروع ڪيا. مثال طور آمريڪي دفاع واري کاتي جو اندازو آهي ته 2030ع تائين چين ۾ موجود ساڍا 3 سئو ائٽمي هٿيارن مان 3 ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿي ويندو ۽ انهن جو انگ هڪ هزار کان وڌي ويندو.
هن وقت جيڪڏهن دنيا ۾ موجود ائٽمي ذخيري جي ونڊ جوڙ ڪئي وڃي ته روس 4310، آمريڪا 3750، فرانس 290، برطانيا 195، پاڪستان 160، ڀارت 150، اسرائيل 90، اتر ڪوريا 35 ائٽمي هٿيارن جا مالڪ آهن. انهن مان 6 ملڪ يعني روس، چين، برطانيا، پاڪستان، ڀارت ۽ اتر ڪوريا پنهنجا ذخيرا وڌائي رهيا آهن.
هيستائين واحد مثبت مثال ڏکڻ آفريڪا جو آهي جنهن جي تحويل ۾ 1990ع جي ڏهاڪي تائين 6 ائٽمي هٿيار هئا. نيلسن منڊيلا جي صدر ٿيڻ کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا جو عسڪري ائٽمي پروگرام ختم ڪيو ويو ۽ ائٽمي عدم ڦهلاءُ جي عالمي معاهدي تي (اين پي ٽي) تي صحيح ڪئي وئي.
جيستائين هڪ اهڙي دنيا جو خواب آهي، جيڪا ائٽمي هٿيارن کان پاڪ ته هجي پر ائٽمي صلاحيت کي ڌرتي جي گدلاڻ ۾ ڪمي ۽ ماحولياتي بهتري لاءِ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي، ته اهڙي ڪا به ڳالهه واتان نڪرندي ئي اسان مان گهڻن جي اکين ۾ 1986ع ۾ چرنوبل ائٽمي ريئڪٽر جي ڦاٽڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ تابڪاري پکڙجڻ جون تصويرون هلڻ شروع ٿيو وڃن ۽ پوءِ 2011ع ۾ جاپان ۾ فوڪو شيما ريئڪٽر جو حادثُو ياد اچيو وڃي. هڪ صدي اڳ انسان هوائي سفر ڪيو ته شروع شروع ۾ ڪئين حادثا ٿيا. آهستي آهستي ٽيڪنالاجي جي ترقي سان هوائي حادثن جي شرح گهٽ ٿيندي وئي. اڄ هوائي سفر ريل ۽ روڊ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ سمجهيو وڃي. ائٽمي توانائي جو به اهوئي معاملو آهي. هاڻي جيڪي ريئڪٽر ٺهن پيا، اهي گذريل ريئڪٽرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ آهن.
هڪ خدشو اهو به آهي ته جهاز جي حادثي ۾ 2 اڍائي سئو حياتيون وڃن ٿيون، پر ائٽمي حادثي جي صورت ۾ لکين جانيون ضايع ٿيو وڃن. عرض اهو آهي ته هن دنيا ۾ غير طبعي موت جو سڀ کان وڏو سبب اڄ به ٽريفڪ حادثا آهن. روڊ تي ساليانو جيترا ماڻهو مرن ٿا، ڪنهن ائٽمي ريئڪٽر جي حادثي ۾ ڪونه مئا آهن. حادثن سبب گاڏيون هلڻ بند ڪو نه ٿيون آهن بلڪه انهن کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ جاري آهي. ڪنهن به شي کي اپنائڻ يا رد ڪرڻ وقت فائدي ۽ نقصان جو تناسب ڏٺو ويندو آهي. اسان هيستائين ماحوليات سان جيڪو سلوڪ ڪيو آهي، ان سبب لکين اضافي ماڻهن جي مرڻ جو سلسلو جاري آهي. ان زاويي سان ائٽمي توانائي جي باري ۾ ڇو نٿو سوچيو وڃي. نقص ڇٽي ۾ آهي يا استعمال ڪرڻ واري ۾.