اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برساتون،ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي وئي

اسلام آباد :اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برساتن سبب جاڙن شهرن ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، مقامي اختياريون مشينري جي مدد سان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ روڊن تي مصروف آهن. واسا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد تنوير جو چوڻ آهي ته راولپنڊي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب جاڙن شهرن ۾ 60 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئي، جنهن سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي. شمس آباد ۾ 60 ملي ميٽر، چڪلالا ۾ 46 ملي ميٽر، پنڊي ۾ 28 ملي ميٽر، روات ۾ 12 ملي ميٽر برسات پئي. گولڙا ۾ 16 ملي ميٽر ۽ سيدپور ۾ 20 ملي ميٽر برسات پئي. واسا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته تيز برساتن سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي، جنهن سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي رهي آهي، رهواسين کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button