ميرپورخاص: ميرپورخاص ٽائون خادم علي شاهه جي يوسي 5 جي وارڊ نمبر 2 جي علائقي بخاري ٽائون ۾ سهولتن جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي. رهواسي ڊرينيج، سيوريج نظام ۽ صاف پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن، سهولتن جي کوٽ خلاف علائقي واسين ريلي ڪڍي ميرپورخاص-عمرڪوٽ روڊ ھاشم نگر اسٽاپ تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي حاڪم راھمون، پرويز جٽ، ايوب سراز، وزير خاصخيلي، دلشاد ڀٽي، آصف خاصخيلي، سجاد جٽ، نذير شيدي ۽ ٻين چيو ته ٽائون ۾ 6 سئو گهر آهن، هميشه پ پ کي ووٽ ڏيندا آهيون، پر 35 ورهين کان بنيادي سهولتن ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي، برساتي نالو ۽ ڊرينيج سسٽم نه ھئڻ سبب برساتن دوران مک رستي تي 3 فوٽ پاڻي بيھي ٿو، سال اڳ پ پ ايم پي اي ھري رام ڪشوري لال ميگا پراجيڪٽ نالي سميت روڊ ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو، پر ان تي عمل نه ٿيو. ھنن چيو ته پيئڻ جو پاڻي نه ھجڻ سبب جر جو کارو پاڻي واپرائڻ سبب ٻن مھينن ۾ 2 ڄڻا پورھيت ڪمال کوسو ۽ اصغر پنجاپي ڪاري ڪامڻ سبب فوت ٿي چڪا آهن، ڪيترائي علائقي واسي بيمارين ۾ مبتلا آھن. ھنن چتاءُ ڏنو ته ايندڙ اليڪشن کان اڳ بنيادي سهولتون نه مليون ته ووٽ نه ڏينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close