پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ صحافي تي حملي خلاف ريلي، ٿاڻي اڳيان ڌرڻو

جهڏو: جهڏو ۾ صحافي تي قاتلاڻي حملي خلاف صحافين، سياسي سماجي تنظيمن، ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن وسيم يوسف راهمون، اسحاق ساگر ڀٽي، سريش ڪمار ميگھواڙ، نياز کوسو، شاهد ڪلوئي، عباس کوسو، قادر ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪميٽي کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي مختلف رستن کان ٿيندي جهڏو ٿاڻي اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته مقامي صحافي سيف الله چانڊيو پنهنجي مهراڻ ڪار تي ڪڇي ڪالوني ۾ پنهنجي گهر ويو پئي ته جوابدارن شهزاد آرائين، افضال آرائين، ساجد آرائين ۽ ٻين گاڏي روڪي صحافي کي گاڏي مان لاهي ڪهاڙيون ۽ چاقون هڻي کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ماڻهن جهڏو آر ايڇ سي منتقل ڪيو. جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته بااثر جوابدار جهڏو ۾ ڊوائيس هولڊر آهن، جيڪي مستحق عورتن جي آيل رقم مان ڪٽوتي ڪندا هئا، جن خلاف صحافي خبرون هلائين ٿا، جنهن تان مڇرجي هنن حملو ڪري صحافي کي مرڻينگ ڪيو آهي. هنن چيو ته حملي جو اطلاع بروقت جهڏو ٿاڻي تي ڏنو ويو، پر پوليس انٽري ڪري زخمي صحافي کي ميڊيڪل ليٽر ڏنو، پر ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي. هنن آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button