اسلام آبادپاڪستان

کدڙن جي حقن بابت شرعي عدالت جو فيصلو سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد :وفاقي شرعي عدالت طرفان کدڙن فقيرن جي حقن جي تحفظ بابت جوڙيل ٽرانس جينڊر ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو سُپريم ڪورٽ ۾ چئلنيج ڪيو ويو آهي. کدڙن فقيرن جي حقن بابت وفاقي شرعي عدالت جو فيصلو ٽرانس جينڊر ڪميونٽي ۽ سول سوسائٽي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي شرعي عدالت کدڙن فقيرن جي تحفظ لاءِ جوڙيل ٽرانس جينڊر ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏنو هو، عدالت ايڪٽ جي ڪجهه شقن کي شريعت جي خلاف قرار ڏنو هو. وفاقي شرعي عدالت صنفي سڃاڻپ ۽ وراثت جي حق بابت شقن کي شرعي قانون سان ٽڪراءُ قرار ڏنو هو.ٽرانس جينڊر رائٽس جي ڊائريڪٽر ناياب علي ۽ صارم عمران ان ڏس ۾ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڪئي آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته وفاقي شرعي عدالت هڪ پوري ڪميونٽي جي سڃاڻپ جي حقن کان انڪار ڪيو، تنهنڪري سُپريم ڪورٽ وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي. درخواستگذار جو چوڻ آهي ته قانونسازي ڪميونٽي جي اتفاق راءِ جي نمائندگي ڪندي آهي، قانون چونڊيل نمائندن ذريعي لاڳو ڪيو ويو هو، وفاقي شرعي عدالت پنهنجا اختيار اورانگهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button