سنڌ

عوامي تحريڪ جو سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙن ۽ زمينن جي نيلامي خلاف جدوجھد ڪرڻ جو فيصلو

عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس صدر لال جروار جي صدارت ۾ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ ۽ پاڻيءَ تي ڌاڙا وڌائڻ خلاف جدوجھد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي لال جروار ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته نوان صوبا ٺاھڻ جي نالي ۾ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌي ارغونن، ترخانن ۽ انگريزن سان مقابلا ڪري پنھنجي ڌرتي جي حفاظت ڪندا آيا آھن، ھاڻي به سنڌ واسي سنڌ کي ورھائڻ جي ھرگز اجازت نه ڏيندا ۽ ان خلاف ڀرپور پرامن جمھوري جدوجھد ڪئي ويندي. هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌاريا ڪنھن بھ صورت ۾ قبول ناھن، اليڪشن کان اڳ سليڪشن ٿي چڪي آهي، سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت سبب اسٽيبلشمينٽ نواز ماڻهو ئي چونڊجي اچن ٿا، پيپلز پارٽي جا حڪمران وزارتن ۽ وفاقي حڪومت جي لالچ ۾ سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون نيلام ڪري رھيا آھن، ملڪ ۾ جمھوريت ھئڻ باوجود فوجي ڪورٽون کوليون ويون آھن، جن جي ڪا بھ ضرورت ناھي، اسٽيبلشمينٽ عدليا ۽ سياست ۾ مداخلت بند ڪري. اجلاس ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، نائب صدر حورالنسا پليجو، عبدالقادر رانٽو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button