پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ ويم بعد عورت فوت، وارثن جو گاڏين جا شيشا ٽوڙي احتجاج

سرهاڙي: سرهاڙي شهر جي خانگي حسين ميڊيڪل سينٽر تي ڊليوري دوران ڳوٺ محمود چانڊيو جي رهواسڻ 25 سالن جي ناري ناديه چانڊيو فوت ٿي وئي، جنهن بعد سينٽر انچارج، ڊاڪٽرياڻي ۽ عملو فرار ٿي ويو. عورت جي فوت ٿيڻ بعد چانڊيا ڌر جا سوين ماڻهو ميڊيڪل سينٽر پهچي ويا، جن عملي جي گاڏين جا شيشا ٽوڙي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي عورت جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ناري ٺيڪ هئي، جنهن کي ويم لا خانگي حسين ميڊيڪل سينٽر آندو، جتي ڊاڪٽرياڻي سندس آپريشن ڪيو ۽ هن پٽ کي جنم ڏنو، بعد ۾ ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي جي غفلت سبب ناديه فوت ٿي وئي، خانگي سينٽر ۾ سيکڙاٽ عملو ڪم ڪري ٿو، اسان کي ڊاڪٽرڻي ۽ عملي دير سان ٻڌايو ته توھان جي ناري فوت ٿي وئي آھي. ساڳي ميڊيڪل سينٽر ۾ اڳ بگ آپريشن دوران 3 کان وڌيڪ عورتون فوت ٿيون آھن. ھنن ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي سانگھڙ کان مطالبو ڪيو ته ميڊيڪل سينٽر انتظاميا ۽ ڊاڪٽرياڻي سميت عملي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ سينٽر کي سيل ڪيو وڃي. ٻئي طرف سرهاڙي پوليس وارثن کي ليٽر ڏئي وارثن جي چوڻ تي ناري جو لاش حيدرآباد اسپتال پوسٽ مارٽم لا منتقل ڪري ڇڏيو، جتان لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس ٻڌايو ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ملوث عملي خلاف مالڪن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button