پاڪستانسنڌ

چيلهار اسپتال رڳو 6 ڪلاڪ کليل، مريض ڌڪا کائڻ تي مجبور

چيلهار: ٿر ۾ صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ واري حڪومتي دعوائن باوجود 30 هزار آبادي رکندڙ شهر چيلهار ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ڀوريلو، سورام، اڪليون، سانڏهور ۽ ڏبڙڇا سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي علاج جو واحد ذريعو سرڪاري اسپتال هجڻ باوجود ان کي اپ گريڊ ڪري 24 ڪلاڪ نه ڪيو ويو آهي، رورل هيلٿ سينٽر جي عمارت ٺهڻ ۽ عملو مقرر هجڻ باوجود اسپتال منجهند 2 وڳي بند ٿي وڃي ٿي، جنهن سبب زخمين ۽ ٻين مريضن کي پرائيويٽ ڪلينڪن ۽ عطائي ڊاڪٽرن ڏانهن وٺي وڃڻو پوي ٿو. علائقي واسين جلال، اڪبر، علي گل، ارشد ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسپتال جي عمارت ۾ بيڊ، ايڪسري مشينون ۽ الٽراسائونڊ مشينن سميت ٻيون ڪيتريون ئي مشينون مهيا ڪيون ويون آهن، پر اسپتال جو عملو 2 بجي موڪل ڪري روانو ٿي ويندو آهي، اسان ايمرجنسي صورت ۾ عطائي ڊاڪٽرن هٿان ڦرجي ڪنگال ٿي گهر ويندا آهيون، اسپتال تي 24 ڪلاڪ ويم جي سهولت جا بورڊ لڳل آهن، پر ويم جي سهولت ناهي، فارملٽي طور ويٺل ايل ايڇ وي ويم لا ايندڙ عورت مريضن جو معائنو ڪري کين مٺي وڃڻ جو مشورو ڏيندي آهي. هنن چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته اسپتال کي فنڪشنل ڪري 24 ڪلاڪ هلائي صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button