پاڪستانسنڌ

اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو وڏو وزير پارٽي قيادت سان مشوري بعد ڪندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ھاڻوڪي معاشي صورتحال ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون شروع ڪيو آھي ته جيئن سڄي دُنيا جي سيڙپڪار ي کي راغب ڪري ۽ دعوت ڏئي سگھجي، پاڪستان کي ڊگھي مدي وارين معاشي پاليسين جي ضرورت آھي، اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آھي ۽ اسان وٽ قيمتي قدرتي معدنيات به آھن، سنڌ سرڪار بين الاقوامي سيڙپڪاري ڪانفرنس منعقد ڪندي، سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ، توانائي، زراعت، آبپاشي، مواصلات ۽ ٻين شعبن ۾ به ترقي ٿي آھي، تمام جلد ھي مدو پورو ڪندي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ انشا اللہ پاڪستان پيپلز پارٽي کٽيندي. سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالھائيندي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ اسرائيل کليل نموني پي ٽي آءِ جي ليڊرشپ کي بچائڻ جون ڪوششون ڪري رھيو آھي، عمران خان کي ملڪ کان ٻاھر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عمران خان کي انساني حقن جي نالي تي ملڪ کان ٻاھر موڪلڻ جي سازش ٿي رھي آھي، دُنيا جي مختلف ملڪن ۾ ملڪ خلاف (پيڊ ڪيمپين) ھلي رھي آھي.

ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته چونڊن جي لاءِ اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاہه پارٽي قيادت سان مشوري بعد ڪندو. ھڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم جي بيانن کي سنجيدا نه وٺڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ ھي چونڊن کان اڳ ماحول کي گرمائڻ جي ڪوشش آھي پر اسان جي پارٽي جي ليڊرشپ مفاھمت چاھي ٿي، نه اسان ڊڄا آھيون نه ئي ڊڄنداسين، فيصلو عوام کي ڪرڻو آھي ته عوام جنھن کي رد ڪندو اھو رجيڪٽ ٿي ويندو، جنھن کي پسند ڪندو اھو کٽيندو. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته لاڏلي خلاف شاھدين جي باوجود ڪارروائي نه ٿي ٿئي، اُن اڄ تائين ھڪ رات لاڪ اپ ۾ ناھي گذاري. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته پيپلز پارٽي ۾ جلد نوان ماڻھو شامل ٿيڻ جو ڀرپور امڪان آھي. ھن چيو ته ڪچي ۾ پوليس جا جوان ڌاڙيلن سان وڙھي رھيا آھن، ڌاڙيلن وٽ جديد ھٿيار آھن، ڌاڙيلن سان مقابلي لاءِ پوليس کي به جديد ھٿيار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تہ گورنر صاحب جي سٺن ڪمن جي تعريف ٿيڻ گھرجي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته چونڊون، آئين ۽ قانون موجب ٿينديون، ھن چيو تہ لاڏلو ڪجھه خاص ماڻھن جو لاڏلو آھي، جن وٽان کيس ضمانت تي ضمانت ملي رھي آھي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته صحت جي شعبي ۾ تمام بھتري آئي آھي، انشا اللہ پاڪستان پيپلز پارٽي وفاق ۾ حڪومت ۾ ايندي ته سمورن صوبن ۾ اين آءِ سي وي ڊي ۽ سائبر نائيف جھڙين سھولتن جو دائرو وڌائنيدي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button