پاڪستانسنڌ

نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست کي برداشت نه ڪيو ويندو: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته عام چونڊن کانپوءِ ملڪ سياسي استحڪام طرف وڌندو، نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست برداشت نه ڪئي ويندي. ڊپلوميٽڪ ڪور جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته عام چونڊن کانپوءِ ملڪ سياسي استحڪام طرف وڌندو ۽ سياسي استحڪام سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير جي حيثيت سان هن مختلف ملڪن جا دورا ڪيا ۽ ٻين ملڪن سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، هو پوري دنيا ۽ پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو. هن چيو ته گذريل 15 مهينن دوران عالمي سطح تي پرڏيهي لاڳاپا بهتر ٿيا آهن ۽ ان دوران هن پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سياست کي پرڏيهي پاليسي تي اثر انداز ٿيڻ نه ڏنو وڃي. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ڪجهه سالن کان معاشي مسئلن جو شڪار آهي ۽ موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان کي تباهي واري ٻوڏن کي به منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو دوست ملڪن جي ڪري ئي ممڪن ٿيو، دوست ملڪن ڪاپ 27 ڪانفرنس ۾ سهڪار جا واعدا ڪيا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست کي برداشت نه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button