اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات،ڀت ڪرڻ سبب 13 ڄڻا فوت

اسلام آباد : اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برساتن سبب ڀِت ڪرڻ جي ٻن واقعن ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب راولپنڊي ۾ تيز برسات دوران پشاور روڊ تي گولڙا ڀرسان ڀت ڪرڻ سان 12 ڄڻا دٻجي ويا، حادثي کانپوءِ ريسڪيو 1122 جي ٽيمن پهچي امدادي ڪارروائي ڪئي ۽ ڍير مان ماڻهن کي ڪڍيو، ڪارروائي ۾ ڳري مشينري جو استعمال به ڪيو ويو. واضح رهي ته 100 فوٽ ڊگهي ۽ 11 فوٽ اوچي ڀت جي آڙ ۾ پل جي اڏاوت لاءِ آيل مزدورن خيمو هنيو هو، حادثي کانپوءِ وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروائي جاري رهي، جڏهن ته ريسڪيو ٽيمن 4 مزدورن کي جيئرو ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. فوتين ۾ محمد شعيب، زاهد، ڪريم، نور محمد، ڪليم الله، جلال الدين، اڪبرزادا، اسرافيل، نعمان، محمد خالد، ياسين ۽ ٻيا شامل آهن. هوڏانهن تيز برسات سبب ڪهنا ٿاڻي جي علائقي محمد ٽائون ۾ ڀِت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ڀت ڪري پوڻ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحومين جي لاءِ مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم برسات سبب انتظاميا کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button