اسلام آبادپاڪستان

عورت جج کي ڌمڪائڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين معافي گهري ورتي

اسلام آباد : پي ٽي آءِ چيئرمين عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪائڻ واري ڪيس ۾ عدالت ۾ اُٿي بيهي معافي گهري ورتي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف عورت جج کي ڌمڪائڻ واري ڪيس جي شنوائي ٿي. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين مئجسٽريٽ مُلڪ امان جي عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي روسٽرم تي اچي سندس چوڻ هو ته مون ستاويهه سال اڳ انصاف جي حڪمراني لاءِ سياسي جماعت ٺاهي، مون اڄ تائين ڪو به غيرقانوني ڪم ناهي ڪيو. هن چيو ته عورت جج جي عدالت ويس ۽ چيو ته بيان سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي ته ان معافي گهران ٿو. مون ردعمل ۾ خطاب دوران جوش ۾ اچي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو چيو هو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مون جيڪو ڪجهه چيو ان تي جج صاحبا کان معافي به گهرڻ ويو هيس، جيڪڏهن مان لائين ڪراس ڪئي آهي ته معافي گهران ٿو. ياد رهي ته 20 آگسٽ 2022ع تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين شهباز گِل تي مبينا تشدد خلاف آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي اسلام آباد تي ڪيس ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. خطاب دوران عمران خان شهباز گِل جو رمانڊ ڏيندڙ عورت جج زيبا چوڌري جو نالو کڻي ڌمڪي به ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button