ڇاڇرو: ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ سرڪاري زمينن تي پوکائي ڪندڙ بااثر ماڻهن خلاف مختلف ڳوٺن جي رهواسين مظاهرو ڪيو. ڇاڇري ۽ڏاهلي تعلقن جي ڳوٺن ٻڙڪيو، ناندو، لهڙڪا، مٺڙيو ڪيلڻ ڀينڊاڻي، جگتو مڪان ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين ابراهيم راهمون، قبول راهمون، ڪستورو ڀيل، پنهون ڀيل، دودو ڀيل، مراد، حيجم سميجو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي قبضا ڪندڙ بااثر ماڻهن ۽ روينيو انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان جي ڳوٺن جي آسپاس جي سرڪاري زمينن تي بااثر ماڻهن قبضا ڪري مال جا رستا بند ڪري ظلم ڪيو آهي، سرڪاري زمينن جي پوکائي سبب مال بک وگهي مري رهيو آهي، ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي ڳوٺن ڀرسان هزارين ايڪڙ سرڪاري زمينن تي غيرقانوني قبضا ڪيا ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سرڪاري زمينن تي پوکائي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close