پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ٻهراڙي جي 36 ڪلاڪن کان بجلي بند، مظاهرو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ جي مختلف ٻهراڙي وارن ڳوٺن ڀاوي جو تڙ، وروائي، کاکڻهيار بجير، نيو سنهري درس، ٿاريو هاليپوٽا، شهمير وڪيه، سينهار وڪيه ۽ کاکڻهيار رحم علي سميت ٻين ڳوٺن جي بجلي 36 ڪلاڪن کان مسلسل بند هجڻ خلاف ڳوٺاڻن جعفر وڪيو، خادم علي شاھه، وريام لنجو، ممتاز راهمون، ڊاڪٽر اشرف بجير، نبي بخش درس، قربان بجير، ميهار بجير ۽ ٻين گرڊ اسٽيشن آڏو احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي. اُن موقعي تي هنن چيو ته برسات اچڻ کان اڳ واپڊا وارا سمورن ٻهراڙي وارن ڳوٺن جي بجلي بند ڪري ڇڏيندا آهن، حيسڪو وارا چون ٿا ته فالٽ سبب اسان مجبورن ٻهراڙي جي بجلي بند ڪندا آهيون, نه ته شهر جا بااثر اسان کي تنگ ڪندا آهن ۽ آفيسرن کان فون ڪرائي ڌمڪائين ٿا. هنن چيو ته سخت گرمي ۾ عذاب هيٺ گذاريون پيا، بل ادا ڪرڻ باوجود بجلي ناهي. هنن گهر ڪئي ته ٻهراڙي ۽ شهر جا فيڊر الڳ ڪيا وڃن. هوڏانهن گرڊ اسٽيشن آپريشن بلاڪ جي عملدار ٻڌايو ته شهر جا بااثر ماڻهو اسان کي پريشزائيز ڪن ٿا ته ٻهراڙي جي بجلي بند ڪري سٽي جي چالو ڪيو، اسان نه ٿا مڃون ته هُو ايس ڊي او کان فون ڪرائي ڌاٻا ڏيارين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button