اسلام آبادپاڪستان

جسٽس قاضي فائز خلاف داخل نظرثاني جي ٻي درخواست خارج

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي رد ڪندي لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي قانون ۾ ڪيوريٽو ريويو جي گنجائش ناهي. چيف جسٽس عمر عطابنديال وفاقي حڪومت طرفان ڪيوريٽو ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي. چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال لکت ۾ حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽو ريويو واپس وٺڻ جي بنياد تي رد ڪيو وڃي ٿو. سپريم ڪورٽ جي لکت واري فيصلي موجب جسٽس قاضي فائز جي نظرثاني درخواست تي 6/ 4 جي اڪثريت سان فيصلو ڏنو، اڪثريتي فيصلي ۾ ايف بي آر ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل جي جاري هدايتن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو. فيصلي ۾ چيو ويو ته حڪومت نظرثاني ڪيس جي فيصلي خلاف ٻي نظرثاني درخواست داخل ڪئي، رجسٽرار سپريم ڪورٽ ٻي نظرثاني درخواست تي ڪجهه اعتراض اٿاريا. رجسٽرار آفيس چيو ته سپريم ڪورٽ جي رولز تحت ٻي نظرثاني درخواست داخل نٿي ڪري سگهجي. لکت واري فيصلي موجب درخواستگذار رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف چيمبر اپيل داخل ڪئي، 31 مارچ 2023 تي صدر حڪومت جي صلاح تي ڪيوريٽو نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي. سپريم ڪورٽ ۾ درخواستن جي شنوائي چيمبر ۾ ٿي، حڪومت طرفان اٽارني جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل پيش ٿيا، وفاقي ڪابينا ڪرفيو نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جا رولز ٻي نظرثاني درخواست جي اجازت نٿا ڏين، سپريم ڪورٽ ماضي ۾ پنهنجا فيصلا درست ڪندي رهي آهي، سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 187، 188 ۽ آرٽيڪل 184 (3) تحت پنهنجا فيصلا درست ڪرڻ لاءِ پاڻمرادو نوٽيس وٺندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button