اسلام آباد : اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا قانون ۾ ترميم کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا جو پورو منظرنامو تبديل ٿي چڪو آهي، پيمرا آرڊيننس 2002ع کانپوءِ پهريون ڀيرو پيمرا قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، پيمرا بل جي 9 شقن ۾ ترميم جڏهن ته 5 نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آهي، پهريون ڀيرو صحافين کي ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايتون داخل ڪرائڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي. اڳ ۾ صحافي کي پگهار گهرڻ تي نوڪري مان ڪڍيو ويندو هو، بل تحت ڪنهن به چينل کي بند ڪرڻ جو اختيار پيمرا چيئرمين بدران ٽي رڪني ڪميٽي وٽ ويندو. بل جي تياري ۾ 13 مهينن جو عرصو لڳو، ان دوران سڀني ڌرين سان ڊگهي مشاورت ڪئي وئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ريڊيو پاڪستان ۾ قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران پيمرا ترميمي آرڊيننس 2023ع جي حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فيڪ نيوز، ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن جي تشريح بل ۾ شامل ڪئي وئي آهي. ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن تي جدا جدا ڪم ڪيو ويو. هن چيو ته ڄاڻي واڻي غلط خبر هلائڻ تي 10 لک روپيا ڏنڊ کان وڌائي هڪ ڪروڙ رپيا هوندو. هن چيو ته اڳ ۾ ڪنهن چينل تي غلط خبر هلي ته اهو چيو ويندو هو ته صحافي اها خبر ذاتي حيثيت ۾ ڏني، هاڻي ان کي چينل سان ڳنڍيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close