اسلام آبادپاڪستان

عدالت کي آگاهه ڪرڻ بنا فوجي عدالتن ۾ ٽرائلز شروع نه ڪيا وڃن:چيف جسٽس

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ۾ 9 مئي بابت سويلينز جي فوجي ٽرائلز خلاف درخواستن جي شنوائي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال پُڇاڻو ڪيو آهي ته ڇا ملٽري ڪورٽ جي جوابدارن کي اپيل جو حق ملندو. عدالت کي آگاهه ڪرڻ بنا ٽرائلز شروع نه ڪيا وڃن. حڪومت هلي به وئي ته به حڪم جي ڀڃڪڙي تي لاڳاپيل ذميوارن کي طلب ڪري جواب وٺنداسين. جڏهن ته حڪومت جوابدارن کي اپيل جو حق ڏيڻ بابت مهيني جي مهلت گهري ورتي. چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ڪالهه 6 رڪني لارجر بينچ درخواستن تي شنوائي ڪئي. ان دوران چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته اڄ اسان اٽارني جنرل کي پهريان ٻُڌنداسين، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ پنهنجي دليلن ۾ مؤقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ 9 مئي جي واقعن پٺيان منظم منصوبي جي ڳالهه ڪئي هئي. هن چيو ته گذريل شنوائيءَ تي عدالت کي واقعن بابت تصويرون به ڏيکاريون ويون هيون. هن چيو ته تمام محتاط آهيون، ڪنهن جي خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس هلڻو آهي يا نه، 102 ماڻهن خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ تمام گهڻو احتياط ڪرڻو پيو آهي. اٽارني جنرل چيو ته 9 مئي جهڙن واقعن جي مستقبل ۾ اجازت نٿي ڏئي سگهجي. منصور عثمان اعواڻ چيو ته جڏهن ميانوالي ايئر بيس ۾ حملو ڪيو ويو ته ان وقت ويڙهاڪ جهاز به اتي موجود هئا. شفاف ٽرائلز جي حوالي سان عدالت جي ريمارڪس بابت هن مؤقف اختيار ڪيو ته جڏهن ڪو عام شهري سول ڏوهه ڪري ٿو ته ان جو ڪيس عام عدالتن ۾ هلندو آهي. جڏهن ته 21هين ترميم بعد صورتحال تبديل ٿي. هن چيو ته ظاهري طور گرفتار ڪيل 102 جوابدارن مان ڪنهن کي موت جي سزا يا 14 سال سزا نه ڏني ويندي. اٽارني جنرل چيو ته اسان کي اهڙا قدم کڻڻا پوندا ته جيئن ملڪ جي پوزيشن به متاثر نه ٿئي. ڪالهه عدالت چيو هو ته اپيل ڪيس جو هڪ لازمي جُز آهي، ان حوالي تي تمام گهڻو محتاط رهي جائزي جي ضرورت آهي. چيف جسٽس پُڇاڻو ڪيو ته ڇا اهو قانونسازيءَ سان ٿيندو، اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته اهو قانونسازيءَ سان ٿيندو. هن چيو ته مان ان بيان تي قائم آهيان ته اڃا ته ٽرائل ناهي ٿيو. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ٽرائل ۾ اڳڀرائي ٿي ته عدالت کي آگاهه ڪيو. بعد ۾ عدالت درخواستگذار جواد ايس خواجا جي وڪيل طرفان ملٽري ٽرائل تي منع نامي جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button