ميیھڙ: ميھڙ ۾ بدامني خلاف ٻن ٿاڻن سامھون چئن ڏينهن کان لڳل ڌرڻي دوران پوليس ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ بعد جھيڙو ٿي پيو، پوليس 15 ڪارڪن گرفتار ڪري ورتا، چڪرين ۾ 4 پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيا. 40 ڄڻن تي ھنگامي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. خبر موجب ميھڙ شھر سميت تعلقي جي مختلف شھرن ۾ بدامني خلاف تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پاران ٻن ٿاڻن ۽ ڊي ايس پي آفيس سامھون فريدآباد روڊ تي اعلانيل چوٿين ڏينھن به ڌرڻي لڳائڻ جي ڪوشش دوران پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ ۽ جھيڙو ٿي پيو. پوليس 15 ڪارڪنن اسماعيل بروھي، ھاشم ٻرڙو، اشتياق تنيو، رضوان آڳرو، فتاح شاھه ۽ الطاف بروھي سميت ٻين کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ تحريڪ انصاف جا 2 ڪائونسلر اسماعيل بروھي ۽ رضوان آڳرو به شامل آھن، جڏھن ته جھيڙي ۾ ھڪ اي ايس آئي سميت 4 پوليس اھلڪار غلام مصطفى سولنگي، اھلڪار علي محمد ملاح، ذوالفقار ترڪ ۽ روشن ڏيپر زخمي ٿي پيا ۽ سندن ورديون به ليڙون ليڙون ٿي ويون. جڏھن ته پوليس اي سيڪشن ٿاڻي تي اي ايس آئي منظور منگي جي سرڪار جي مدعيت تي تحريڪ انصاف ضلعي دادو جي سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر نياز علي ٻرڙو، نادر چانڊيو، اسماعيل بروھي، صادق مھيسر، زبير سمون، گلشير سوڍر، شڪيل عطار، فتاح شاھه، عبدالمجيد مھيسر، ھاشم ٻرڙو، رضوان آڳرو، اشتياق تنيو، مھتاب تنيو ۽ نظير احمد جانوري سميت 40 ڄڻن تي ھنگامو ڪري روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪا جي قلم هيٺ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي طرف ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ لٺبازي خلاف پي ٽي آئي اڳواڻ ڪائونسلر نياز ٻرڙو، ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر، ميھر جھتيال، صابر راڌڻ، جي يو آئي جي امير مولانا مسعود پنھور، واپاري يونين جي گل حسن شيخ، نظير احمد جانوري، شفيق ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھرين ۽ واپارين ريلي ڪڍي گھنٽا گھر چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ۽ بدامني خلاف نعريبازي ڪئي. هنن ايس ايس پي دادو کي ھٽائڻ جو به مطالبو ڪيو. جڏھن ته پي ٽي آئي ڪائونسلر نياز علي ٻرڙو مظاھري ۾ سومر ڏينھن ميھڙ ۾ شٽربند ھڙتال جو سڏ ڏنو. ھوڏانھن ڊي ايس پي وحيد بيگ لاڙڪ صحافين کي ٻڌايو ته مسلسل چئن ڏينهن کان تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ٿاڻي اڳيان ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪن پيا، ڪارڪن مين روڊ بند ڪري شهرين ۽ اسان جي ڪم ڪار ۾ رنڊڪون پيا وجھن، اسان ھنن کي چيو ته احتجاج توهان جو حق آهي، پر چئن ڏينهن کان توھان مين روڊ بند ڪيو آهي، اھو عمل غلط آهي، جنهن تي ڪارڪنن پوليس کي گاريون ڏئي اهلڪارن کي لٺيون هڻي ڪڍيون، جنهن ۾ اهلڪار زخمي ٿي پيا. ٻئي پاسي گرفتار ڪارڪنن کي ڪچي جي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close