پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ ترائي جا لنگهه بند ڪندڙن خلاف رهواسين جو احتجاج

ڇاڇرو: ڏاهلي تعلقي جي تاريخي ڳوٺ گڍڙو جي مختلف ڳوٺن موسى جي ڍاڻي، جمال جي ڍاڻي، ڪڪراڙو، مهاڏاڻي ۽ سائر جي ڍاڻي سميت 12 کان وڌيڪ ڳوٺن جي رهواسين سومار راهمون، تاج محمد، مشتاق، صابر سميجو، ايوب سميجو، جاويد راهمون، مشتاق راهمون، قمرالدين ۽ ٻين گڍڙو تاريخي ترائي تي سخت احتجاج ڪيو. هنن الزام هنيو ته اسان جي علائقي جا بااثر خاص ڪري پ پ ڏاهلي تعلقي جي صدر محمد سليم راهمون، رمضان راهمون، محمد علي، عنايت، شريف راهمون ۽ ٻين ترائي جي چوڌاري تقريبن چار سئو کان وڌيڪ ايڪڙ غيرقانوني سرڪاري زمين پوکائي ڪري ترائي جي پاڻي جا لنگھه بند ڪري ڇڏيا آهن، گڍڙو ترائي ۾ سڄو سال برساتي پاڻي هوندو آهي، ان ڪري 12 کان وڌيڪ ڳوٺن جا رهواسي پيئڻ لاءِ پاڻي به ڀريندا آهيون ۽ چوپايو مال به هن ترائي ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ ايندو آهي، پر لنگهھ بند هجڻ ڪري اچي نٿا سگهون، اسان روينيو انتظاميا، ڏاهلي جي مختيار ڪار، اي سي ڏاهلي ۽ ڊي سي ٿرپارڪر کي لکت ۾ ڪيئي ڀيرا درخواستون به ڏنيون، پر مهينو گذرڻ باوجود ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي. هنن وڌيڪ چيو ته يوسي گڍڙو ۾ پڻ 2 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين تي بااثرن پوکائي ڪري قبضا ڪري غريبن جو جيئڻ جنجال بڻايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button