پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد ۾ ٽرانسفارمر سڙيل هجڻ خلاف عزادارن جي ريلي

ٽنڊوجان محمد: ٽنڊو جان محمد ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين قاضي نور محمد ساند جي وارڊ نمبر 14 ۾ گذريل رات کان ٽرانسفارمر سڙيل آھي، شھر جي مرڪزي امام بارگاهه ۾ روز مجلسن ۽ عزاداري جو سلسلو جاري آهي. گذريل رات کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف انجمن معصوميه جي عزادارن سجاد علي دايو، مير باسط ٽالپر، ظھور علي شاھه، سلمان باغي، فقير سائينو قمبراڻي ۽ ٻين مرڪزي امام بارگاهه کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مين روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن ڪري ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي عزادارن چيو ته واپڊا وارا محرم الحرام ۾ 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو شيڊول ڏيڻ بعد شھر ۾ 14 ڪلاڪ بجلي بند ڪن پيا. امام بارگاهن تي مجلسن ۽ عزاداري جو سلسلو جاري آھي، روز ماتمي جلوس برآمد ٿين ٿا، پر جلوس جي رستن جي بجلي بند ھوندي آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته بجلي بحال ڪئي وئي وڃي. ٻئي طرف ايل ايس نند لال ڌرڻي واري ھنڌ پھچي عزادارن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button