سنڌ

سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف جيئي سنڌ محاذ جا ڪيترن ئي شهرن ۾ مظاهرا

سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا، ڌارين جي آبادڪاري، ميگا رهائشي اسڪيمون ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف جيئي سنڌ محاذ طرفان حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، وائيس چيئرمين سيد نواز شاهه ڀاڏائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاسم آباد مان سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تان احتجاجي ريلي نڪتي جيڪا گل سينٽر کان ٿيندي اولڊ ڪيمپس پهتي، جتان پيادل مارچ جي صورت ۾ ڪارڪن پريس ڪلب اڳيان گڏ ٿيا. لاڙڪاڻي ۾ عزيز الله ڀٽو، ذوالفقار بليدي ۽ منير ڊومڪي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. رتيديري ۾ اياز لولائي، ديشي ميراڻي ۽ ٻيا ڪارڪنن احتجاج ڪري پريس ڪلب پهتا. ڄامشوري ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان سعيد تيوڻو، منير بگٽي ۽ جسم جي ٻين ڪارڪنن مظاهرو ڪيو. سڪرنڊ ۾ جاويد عمراڻي، ٺارو شاهه ۾ ضلعي صدر عرفان ڏاهري، رحمان آباد ۾ حنيف مرڙاڻي ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ جيئي سنڌ محاذ لاڙ ڊويزن جي صدر زاهد جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا. حيدرآباد جي مرڪزي ريلي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي چيو ته ڌاڙيل راڄ ۾ تيزي ۽ ان جي منظم شڪل توڙي هٿرادو طور قبيلائي دهشتگردي کي حڪمرانن جي مڪمل پشت پناهي ۽ سرپرستي حاصل آهي، جن کي هن ملڪ جو ڪو ادارو گرفتار نٿو ڪري، هڪ سازش تحت سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ خوفائتي لاقانونيت مڙھي وئي آهي ته ڌاڙيل معصوم ٻار اغوا ڪن، پني عاقل جهڙي حساس شهر ۾ سوين هٿياربند اچي ماڻھن کي گوليون هڻي قتل ڪري نياڻيون اغوا ڪن. هنن چيو ته ان ئي انسانيت دشمن سازش جي هڪ ڪڙي اها به آهي ته ڌرتي ڌڻي هندن جي عبادتگاهن تي راڪيٽ لانچر هڻڻ ۽ کين خوف ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، ان ڪري روزاني سوين خاندان پنهنجي ڌرتي ڇڏي پرڏيھه وڃي رهيا آهن پر انهن پرامن شهرين کي حڪومت تحفظ نٿي ڏئي، ٻئي پاسي سنڌ ۾ غيرقانوني طور آيل افغانين کي حڪومت سڀني غير قانوني ڌنڌن توڙي دهشتگردي جي مڪمل اجازت ڏني آهي، جيڪڏھن ڪو سنڌي پاڻ سان ٿيل نانصافي خلاف پرامن احتجاج ڪري ٿو ته پوليس ان مٿان دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس به داخل ڪري ٿي ۽ تشدد ڪري جيلن حوالي ڪيو ٿو وڃي، اسان مطالبو ٿا ڪيون ته ڌاڙيل راڄ، قبيلائي دهشتگردي، ڌارين جي آبادڪاري، هندن جي مذھبي عبادتگاهن تي حملا ڪرڻ بند ڪيا وڃن، سڀني افغانين ۽ ٻين ڌارين کي پنهنجي ملڪ واپس روانو ڪُيو وڃي، هنن مطالبن جي مڃتا لا جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي طرفان 17 سيپٽمبر تي سکر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ڪري ٿر جي قدرتي حسن کي پئسن خاطر تباهه ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي عوام کان مطالبو آهي ته پنهنجي بقا ۽ خوشحالي لاءِ ميدان تي اچن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button