سنڌ

هٽڙي ڀرسان جوابدار پنهنجي ڀاڄائي ۽ ڀائٽيو قتل ڪري ڇڏيو، هڪ عورت زخمي

مسوڀرڳڙي ڀرسان هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار پنهنجي ڀاڄائي ۽ ڀائيٽي کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان جي گهرواري حملي ۾ سخت زخمي ٿي پئي آهي. تفصيل موجب مسوڀرڳڙي لڳ ھٽڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گيلو نوناري ۾ ڌڻي بخش عرف ڌنو نوناري ڪھاڙين جا وار ڪري نوجوان ڀائيٽي محسن نوناري کي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ محسن جي والده ارشاده ۽ زال فرزانا سخت زخمي ٿي پيون، جن کي ڳڻتي جوڳي ۾ حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي مائي ارشادہ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته قتل جو واقعو فجر مهل پيش آيو. اطلاع تي هٽڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ جوابدار ڌڻي بخش عرف ڌنو نوناري کي گرفتار ڪري ٻٽي قتل ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي به هٿ ڪري ورتي آهي. قتل ٿيل ما پٽ جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جنهن بعد مقتول نوجوان محسن کي سوين آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي ٿيل عورت فرزانا کي علاج بعد گهر منتقل ڪيو ويو آهي. ٻٽي قتل جي واردات سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل ۽ وارثن ۾ ڪهرام متل آهي. پوليس موجب زخمي ٿيل فرزانا بيان ڏنو آهي ته مڙس جي چاچي ڌڻي بخش عرف ڌنو منهنجي سس کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هن پٽ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدار مٿس ڪهاڙين جا لاڳيتا سنڌائتا وار ڪيا جنهن سبب هو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته ڪهاڙيون لڳڻ ڪري منهنجي سس زخمي ٿي پئي ۽ مان پاڻ به ڪهاڙي لڳڻ سبب زخمي ٿي آهيان. هوڏانهن هٽڙي پوليس مطابق پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن کي ڏنا ويا آهن پر ڪو به فريادي اڃا تائين ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي نه پهتو آهي، علائقي ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button