پاڪستانسنڌ

ڪارونجهر متاثر ڪرڻ کانسواءِ گرينائيٽ ۽ ٻيون معدنيات ڪڍڻيون پونديون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪارونجهر جي سونهن متاثر ڪرڻ کانسواءِ اسان کي گرينائيٽ ۽ ٻيون معدنيات ڪڍڻيون پونديون، گرينائيٽ، چائنا ڪلي ۽ ٻيون معدنيات اسان جا قدرتي وسيلا آهن، قدرتي وسيلن جي وڪري ڏانهن وڃڻو پوندو، ڪارونجهر جي سونهن ۽ قومي ورثو متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪالهه صوبائي وزير ناصر شاهه سان گڏ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن سان ڪيل وعدا پورا ڪري ڇڏيا، 21 لک متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏئي رهيا آهيون.

هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ جي 21 لک جهوپڙين ۾ رهندڙ ماڻهن کي پڪا گهر ٺاهي ڏينداسين، وزير اعظم ٿيو ته ڪي پي ۽ پنجاب ۾ به پڪا گهر ٺاهينداسين. هن چيو ته واقعي ڪو اهڙو شخص جنهن جو ٽيون نسل رهي پيو، اُن جا خواب سنڌ حڪومت پورا ڪري رهي آهي، حڪومت نه رڳو گهر ٺاهي پئي ڏئي پر مالڪاڻا حق به ڏئي رهي آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي کانپوءِ اڄ قمبر-شهدادڪوٽ ۾ به تقريب ٿي رهي آهي، بي گهر ماڻهن کي گهر ڏينداسين. شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي سدائين عوام سان گڏ رهي آهي، اسان ترقياتي اسڪيمن مان ڪٽوتي ڪري ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي.

شرجيل چيو ته ڪارونجهر جبل جي نيلامي جو فيصلو نه ٿيو آهي، نيلامي وارو ٽينڊر رد ڪيو ويو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ ڪجهه ماڻهو سياست سياست کيڏي رهيا آهن، پيپلزپارٽي واحد جماعت آهي، جيڪا سياست نه پئي کيڏي، بلاول وزيراعظم ٿيو ته سموري ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺاهي ڏنا ويندا، هن چيو ته جي ڊي اي جي 80 سيڪڙو ماڻهن پيپلزپارٽي وٽ سي ويون جمع ڪرايون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button