پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ڏيتي ليتي تان پٽن ڇريون هڻي پي کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي شير شاهه ۾ ڏيتي ليتي جي معاملي تان پٽن پيءُ کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان ايس ايڇ او شير شاهه افتخار ٻڌايو ته عالمگير روڊ تي عباسي مسجد ڀرسان گهر ۾ جهيڙي دوران 45 ورهين جي گلفراز نالي شخص کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو. جڏهن ته پوليس کي شروعاتي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته مقتول جو سندس پٽن سان ڏيتي ليتي تي تڪرار هو، جڏهن ته مقتول باجوڙ جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مقتول جا ويجها مائٽ قانوني ڪارروائي کان پاسو ڪري رهيا آهن پر جيڪڏهن وارثن مان ڪنهن به ڪيس داخل نه ڪيو ته سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته پوليس ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button