پاڪستانسنڌ

سامارو لڳ سم نالي کي 4 هنڌن تان ننڍا گهارا، پاڻي غيرآباد زمين ۾ داخل

سامارو: سامارو لڳ يوسي ستڙيون ۾ بچابند کان ھيرل واري علائقن مان گذرندڙ سم نالي ۾ برساتي پاڻي وڌي وڃڻ جي ڪري دٻا بعد ديھه ڀنڀرا وٽان سم نالي کي چئن الڳ ھنڌن تان 5 کان 7 فوٽن جا ننڍا گھارا پئجي ويا، گھارن جي پاڻي ڪيترائي ايڪڙ غير آباد زمين کي لپيٽ ۾آڻي ڀرپاسي جي ڳوٺن ڏانھن وڌڻ لڳو، ڳوٺاڻن پاران گھارن جو اطلاع لاڳاپيل فرش سب ڊويزن جي آبپاشي عملدارن کي ڏنو ويو، پر آبپاشي عملدار نه پھتا. ديھه ڀنڀرا جي ڳوٺن امير بخش ھاليپوٽو، انور ڀنڀرو، موسو جيسر، احمد خان، تارو ڪولھي ۽ ٻين سميت 10 ڳوٺڻ جي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو، ڳوٺاڻن ۾ ٻڏڻ جي خطري جو خوف تاري ٿي ويو، جڏھن ته ديھه ڀنڀرا جي سوين ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ 8 ڪلاڪن بعد گھارن کي ٻڌي ورتو، يوسي ستڙيون ۽ ديهھ ڀنڀرا جي ڳوٺاڻن دانھيندي چيو ته بچابند کان ھيرل جي علائقن مان لنگھندڙ سم نالي جي نه کاٽي ٿي ڪرائي وڃي، نه ئي سم نالي جا ڪپر ۽ بند مضبوط ڪرائي کليل گھٽ گھيڙ بند ڪرايا ٿا وڃن، جنھن سبب ھر سال برساتي سلسلن ۾ سم نالي کي ھنڌان ھنڌان وڏا گھارا پئجي ويندا آھن، جنھن سبب ھزارين ايڪڙ فصل ۽ سوين ڳوٺ ٻڏي وڃڻ سان ھزارين ماڻھون دربدر ۽ بي گھر ٿي وڃن ٿا. ھنن تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا کان گھر ڪئي ته بچابند کان ھيرل وارن علائقن مان گذرندڙ سم نالي جي فوري کاٽي ڪرائي کليل گھٽ گھيڙ بند ڪرائي ڪپر ۽ بندر مضبوط ڪرائي گھارن سبب ٿيندڙ تباھي کان بچايو وڃي ۽ گهارا بند ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button