ڪولمبو: پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ڪولمبو ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن عبدالله شفيق جي شاندار ڊبل سينچري پاڪستان جي پوزيشن مضبوط ڪري ڇڏي. قومي ٽيم جو اوپنر عبدالله شفيق 201 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ بعد آئوٽ ٿي ويو. عبدالله شفيق 322 بالن تي 200 رنسون ٺاهيون، سندس اننگز ۾ 19 چوڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هئا. ٻئين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستان پهرين اننگز ۾ 5 رانديگرن جي نقصان تي 563 رنسون ٺاهيون ۽ سريلنڪا خلاف پهرين اننگز ۾ 397 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي.
سعود شڪيل 57 رنسون، شان مسعود 51 رنسون ۽ بابر اعظم 39 رنسون، سرفراز احمد 14 رنسون ۽ امام الحق 6 رنسون اسڪور ڪيون. سريلنڪا طرفان اسيٿا فرنينڊو 3 ۽ پراڀٿ جي سوريا 2 وڪيٽون ورتيون. سريلنڪن ٽيم پهرين اننگز ۾ 166 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي. جڏهن ته ٽئين ڏينهن جي راند ختم ٿي ته آغا سلمان 132 ۽ محمد رضوان 37 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا. عبدالله شفيق راند جي ٽئين ڏينهن پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي جيڪا ڪرڪيٽر جي ٽيسٽ ڪيريئر جي چوٿين سينچري آهي.