اسلام آبادپاڪستان

اتحادين ۽ اپوزيشن جي اعتراض سبب ترميمن جو نئون مسودو تيار ڪيو:اعظم تارڙ

\اسلام آباد :قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وفاقي حڪومت نگران حڪومت بابت سيڪشن 230 جو نئون مسودو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ اتحادين ۽ مخالف ڌر جي نقطن تي غور ڪيو ويو آهي. اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت اتحادين ۽ مخالف ڌر جي نقطن کي نظر ۾ رکندي نئون ڊرافٽ تيار ڪيو آهي، شق 230 کانسواءِ شامل ڪيل شقن تي ڪنهن به اعتراض ناهي ڪيو. هن چيو ته سيڪشن 230 جي دائري جو جائزو ورتو ويو، ان جو مقصد رڳو هلندڙ اقتصادي منصوبن جي حوالي سان آهي، جيڪي منصوبا جاري آهن انهن تي ضرورت مطابق عمل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته سليم مانڊوي والا پاران ڏنل ترميمون تمام بهتر آهن، شفاف چونڊن جي حوالي سان ماضي جي تجربي کي نظر ۾ رکندي اهي ترميمون ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button