اسلام آبادپاڪستان

نگران حڪومت جا اختيار وڌيڪ وڌائڻ درست ناهي:رضا رباني

اسلام آباد :پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ رضا رباني هڪ ڀيرو ٻيهر نگران حڪومت بابت ترميم جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ٻين ترميمن تي ڪو به اختلاف ناهي، سيڪشن 230 ۾ ڪجهه شيون اهڙيون آهن جن تي اختلاف ڪيو ويو. قانون واري وزير جو به ٿورائتو آهيان جو سيڪشن 230 مان ڪجهه شقون ختم ڪيون ويون آهن ۽ ڪجهه بهتر ڪيون ويون آهن. رضا رباني چيو ته نگران حڪومت جا اختيار وڌيڪ وڌائڻ درست ناهي، پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو وزيراعظم پاڻ آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر سان ڪيترائي ڀيرا فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، نئين روايتون قائم ڪيون پيون وڃن. بين الاقوامي سامراج جي زور تي اسان کي پنهنجي اسڪيم کان انحراف ڪرڻو پيو، هاڻي قومي مفاد جي جاءِ معاشي ۽ سيڪيورٽي مفاد ورتو ويو آهي. رضا رباني نگران وزيراعظم کي آءِ ايم ايف طرز جي معاهدن جهڙا اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته نگران وزيراعظم جڏهن به اهڙا معاهدا ڪيا ته ان جا نتيجا ڀوڳڻا پيا. هن چيو ته جيڪي اختيار نگرانن کي ڏنا پيا وڃن، اهي چونڊيل وزيراعظم کي به نٿا ڏئي سگهجن، اڄ اسان کي آئيني اسڪيم تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. رضا رباني چيو ته ٻڌايو وڃي ته نجڪاري ڏينهون ڏينهن ڪاروبار ۾ اچي ٿي، 60 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ وارو نگران ڪيئن نجڪاري جي اجازت ڏئي سگهي ٿو. تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر چيو ته اليڪشن ترميمي بل ۾ 3 ترميمون شامل ڪيون ويون، بل ۾ ٻه ترميمون رڳو پي ٽي آءِ لاءِ شامل ڪيون ويون. هن چيو ته نگران حڪومت چونڊيل حڪومت جو متبادل نه ٿي سگهي، نگران حڪومت کي چونڊيل اختيار ڏيڻ آئين جو قتل ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته اليڪشن ترميمي بل ۾ ڪيل ترميمون ڪافي نه آهن، جيڪڏهن پارليامينٽ ترميمن کي رد نه ڪيو ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڏهن ڏينهن کانپوءِ ائين ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button