سنڌ

حيدرآباد تعلقي ٻھراڙي ۾ اڃا 40 پرائمري اسڪول بند پيل، ويٽنگ وارا اميدوار ڀرتي نه ٿيا

حيدرآباد تعلقي ٻھراڙي ۾ 40 کان وڌيڪ پرائمري اسڪول بند پيل، ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ سبب تعلقي ٻھراڙي جي ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿيڻ لڳي، اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ باوجود 200 جي لڳ ڀڳ آءِ بي اي پاس اڃان تائين ويٽنگ لسٽ ۾ موجود آھن، پر کين آفر آرڊر ڏئي بند پيل اسڪول کولرائڻ توڙي ھلندڙ اسڪولن ۾ استادن کي کوٽ کي پورو نھ ٿو ڪيو وڃي. تعليم کاتي حيدرآباد جي عملدارن جي دعويٰ باوجود انگن اکرن موجب 40 جي لڳ ڀڳ اھڙا پرائمري اسڪول آھن جيڪي اڃا تائين بند آھن، جڏھن تھ ان کانسواءِ ٻيا اھڙا اسڪول بھ آھن جيڪي ڪاغذن ۾ کليل ڏيکاريا ويا آھن، پر انھن جي اصل حالت بند پيل اسڪول واري ئي آھي، جتي نھ ڪو استاد آھي نھ ئي ڪو ٻيو عملو موجود آھن. ذريعن موجب 3 مھينا اڳ تائين تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي ۾ بند پيل اسڪولن جو تعداد 60 جي لڳ ڀڳ ھيو، جن مان ڪجھ اسڪول کولرايا ويا ھئا، پر اڃا بھ ڪيترائي اسڪول بند پيل آھن، انھن اسڪولن ۾ جي بي پي ايس محراب خان لنڊ، امام بخش لنڊ، سانوڻ جتوئي، شھداد ڪيريو، حليم نوناري، ڪوٽ عبدالجبار ڪيريو، عليم ابڙو، سعيد خان بروھي، نم ليار، ھاشم جمالي، احمد خان عالماڻي، سومار خاصخيلي، بختيار مري، اوڀايو ميربحر، ڄام خان مگسي، حاجي مراد رند، گل محمد ٺوڙھو، گل محمد کٽي، حاجي ابراھيم ناريجو، آدم خان جمالي، لانڊي مير رحيم بخش، محمد ھاليپوٽو، عمر ھاليپوٽو، سائين بخش جمالي، سھراب سانگي، ۽ جي بي پي ايس خداڏنو پنھور ۽ دريا بيگ مغل سميت 40 جي لڳ ڀڳ اسڪول اڃا تائين بند پيل آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button