حيدرآباد: سنڌ هائي ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي روڪڻ جو حڪم ڏيندي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، عدالت خيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪارونجهر جي ڪنهن به حصي جي ڪٽائي نه ڪئي وڃي ۽ ان بابت ماضي ۾ جاري ڪيل سمورا نوٽيفڪيشن پيش ڪيا وڃن.
سنڌ هائي ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪارونجهر بابت وڪيل شنڪر ميگھواڙ جي درخواست تي ٻڌڻي جسٽس خادم حسين تنيو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي مشتمل ٻ رڪني بئنچ ڪئي. سرڪاري وڪيل لاڳاپيل کاتي جي عملدارن طرفان جواب داخل ڪرايو.
عدالت درخواست گذار وڪيل شنڪر ميگھواڙ جا دليل ٻڌڻ کان پوء ڪارونجهر تي ڪنهن به قسم جي ڪٽائي ۽ ليز تي پابندي لڳائيندي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي.
عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي نه ڪئي وڃي ۽ لاڳاپيل عملدار ان بابت ماضي ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن.
سنڌ هائي ڪورٽ لاڳاپيل عملدارن تي عدالت کي گهمراهه ڪرڻ تي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان مبهم نوٽيفڪيشن جاري ڪيا آهن جن ۾ ڪا به ڳالهه واضح نه آهي اوهان پاران جاري ڪيل اشتهار ۾ ڪارونجهر بابت ڪا به ڳالهه واضح نه آهي.