پاڪستانسنڌ

پريا ڪماري ۽ ٻين جي بازيابي لا جسقم جو پيادل مارچ، ڌرڻُو

سکر: سکر ۾ پريا ڪماري ۽ ٻين معصوم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ جسقم جي سوين ڪارڪنن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو ۽ ناياب سرڪش سنڌي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس تائين پيدل مارچ ڪيو ويو. جڏهن ته جسقم ڪارڪنن، شهرين ۽ پريا ڪماري جي وارثن ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران پريا ڪماري ۽ ٻين معصوم ٻارن جي بازيابي لا ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ٻئي طرف پوليس عملدارن جي منٿن باوجود جسقم ڪارڪنن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو ته سکر پوليس پريا ڪماري ۽ ٻين معصوم ٻارن کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، چيف جسٽس ها ڪورٽ کي نوٽيس وٺي پريا ڪماري سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرائڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button