اسلام آبادپاڪستان

آئي ايم ايف جو ٻيو شرط به منظور،اينٽي مني لانڊرنگ آف ٽيررازم اٿارٽي قائم ٿيندي

اسلام آباد :ايف اي ٽي ايف ۽ آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو اهم شرط پورو ٿي ويو، قومي اسيمبلي اهم بل منظور ڪري ورتو آهي. بل تحت مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد کي روڪڻ لاءِ نيشنل اينٽي مني لانڊرنگ آف ٽيررازم اٿارٽي قائم ڪئي ويندي. هي اٿارٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد خلاف لاڳاپيل ادارن پاران کنيل قدمن جي نگراني ڪندي. بل موجب اٿارٽي کي ٽارگيٽڊ مالي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو به اختيار هوندو ۽ اٿارٽي ايف اي ٽي ايف ۽ ٻين لاڳاپيل عالمي ادارن لاءِ فوڪل پوائنٽ جو ڪردار ادا ڪندي. بل موجب اٿارٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي حڪمت عملي جي نگراني ڪندي ۽ اٿارٽي کي اختيار ڏنو ويندو ته هو مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد کي روڪڻ لاءِ قومي حڪمت عملي جي حوالي سان نيشنل ايڪشن پلان جي منظوري ڏئي. قانونن ۽ ضابطن جو جائزو وٺڻ جو اختيار ۽ ان حوالي سان اٿارٽي لاڳاپيل قانونن ۾ ترميمون تجويز ڪرڻ جي قابل هوندي. بل موجب اٿارٽي پاليسي سازي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سفارشون موڪلي سگهندي ۽ وفاقي ادارا ۽ سمورا صوبائي ادارا اٿارٽي کي گهربل معلومات فراهم ڪرڻ جا پابند هوندا، اٿارٽي کي فراهم ڪيل معلومات رازداري ۾ رکي ويندي. بل موجب اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ڊي جي جي مقرري وزيراعظم جي صوابديد تي هوندي. وزيراعظم ٽن سالن لاءِ چيئرمين اٿارٽي جي مقرري ڪندو. جڏهن ته وزيراعظم اٿارٽي پاران موڪليل سفارشن تي ڊي جي اٿارٽي جي مقرري ڪندو. بل موجب، ناڻي وارو سيڪريٽري، پرڏيهي، گهرو معاملا، اٿارٽي جا ميمبر هوندا، گورنر اسٽيٽ بئنڪ، چيئرمين ايس اي سي پي، چيئرمين نيب، ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اين ايف 20 رڪني اٿارٽي ۾ شامل هوندا. بل موجب چيئرمين ايف بي آر، ڊي جي فنانشل مانيٽرنگ يونٽ ۽ نيڪٽا جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر به اٿارٽي جو حصو هوندو، جڏهن ته چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا چيف سيڪريٽريز يا انهن جا نامزد نمائندا ميمبر هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button