اسلام آبادپاڪستان

سيڪريٽ ايڪٽ ترميم آئين سان ٽڪراءُ آهي،بل واپس ورتو وڃي:پاڪستان بار

اسلام آباد : پاڪستان بار ڪائونسل پاران آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميم جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان پاڪستان بار ڪائونسل جي حوالي سان چيو ويو ته وفاقي حڪومت فوري طور آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل واپس وٺي، آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني خلاف ڪنهن به قدم جي سخت مخالفت ڪنداسين. جاري ٿيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته هن بل سان ڳجهن ادارن کي ڪنهن به شهري کي تحويل ۾ وٺڻ جي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي، ترميم سان ڳجهن ادارن کي سرچ وارنٽ کان سواءِ ڪنهن به شهري يا جڳهه جي تلاشي جي ڇوٽ ڏني وئي آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميم نه رڳو غير اخلاقي پر انصاف جي قدرن جي به خلاف آهي. پاڪستان بار ڪائونسل چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميم پاڪستان جي آئين سان به ٽڪراءُ ۾ آهي. اميد آهي ته سينيٽ جي ڪميٽي هن ترميم کي رد ڪري ڇڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button