اسلام آبادپاڪستان

فوج کي غير آئيني قدم کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف ڪيس جي شنوائي دوران وڪيل اعتزاز احسن آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ شهرين جا ٽرائل روڪڻ واري درخواست تي شنوائي ٿي. اعتزاز احسن دليل ڏيندي چيو ته پارليامينٽ ۾ نئون قانون پاس ڪيو ويو آهي، ڳجها ادارا ڪنهن به وقت ڪنهن جي به تلاشي وٺي سگهن ٿا، انٽيليجنس ادارن کي قانون سازي ذريعي بغير وارنٽ جي تلاشي جو حق ڏنو ويو آهي. هي قانون محدود ناهي، ملڪ ۾ هن وقت مارشل لا واري صورتحال آهي. سپريم ڪورٽ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته خوش قسمتي سان بل اڃا هڪ ايوان ۾ بحث هيٺ آهي، ڏسو ته پارليامينٽ جو ٻيو ايوان ڇا ٿو ڪري. جسٽس منيب اختر چيو ته فوجي عدالت ۾ سولين جو ٽرائل متوازي عدالتي نظام جي برابر آهي، بنيادي انساني حقن کي قانون سازي جي صوابديد تي نه ٿو ڇڏي سگهجي. بنيادي انساني حقن جو تصور اهو آهي ته رياست پنهنجي مرضي سان واپس نه ٿي سگهي، اهو ٿي نٿو سگهي ته هڪ پارليامينٽ آرمي ايڪٽ ۾ ڪجهه ڏوهن جو اضافو ڪري ۽ ٻي پارليامينٽ ڪجهه ڏوهن کي ختم ڪري يا شامل ڪري. جسٽس عائشا ملڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن فوجي عدالتون قانون جون عدالتون نه آهن ته پوءِ اهو بنيادي حقن کان انڪار جي برابر آهي. آئين جو آرٽيڪل 175 هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل جي ڳالهه ڪري ٿو. اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن عام شهري ڪنهن ڏوهه ۾ هٿياربند فوج سان لاڳاپيل آهن ته فوجي عدالت انهن جو ٽرائل ڪري سگهي ٿي. آئين ۽ قانون کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ناهي، اعتزاز احسن ۽ منهنجو والد ايم آر ڊي ۾ هئا، جيل ۾ به هئا. پر انهن ماڻهن حملو نه ڪيو، 9 مئي تي جيڪو ٿيو اهو توهان جي سامهون آهي، هڪ ڳالهه ياد رکو، اهي سپاهي آهن، جيڪڏهن حملو ڪيو وڃي ته انهن وٽ هٿيار آهن، انهن کي صرف هٿيارن سان گوليون هڻڻ ڄاڻن ٿيون، انهن سان ائين نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي حملو ٿئي ٿو ته پهريان ايس ايڇ او کي شڪايت ڪن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته فوج جي قانون ۽ آئين ۾ واضح لکيل آهي ته هي قانون هٿياربند فوج خلاف وڙهندڙن سان لاڳاپيل آهي، توهان فوجي عدالت مان عوام جا بنيادي انساني حق کسڻ چاهيو ٿا. اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اسان نٿا چاهيون ته اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ۽ گوليون هلايون، ان ڪري ٽرائل ڪري رهيا آهيون ۽ يقين ڏياري رهيا آهيون. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ هن وقت نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي ۽ اها عدالت به، 9 مئي تي جيڪو ٿيو اهو انتهائي سنگين آهي. فوج جو ڪم شهرين جي حفاظت ڪرڻ آهي، آئون اهو ڪڏهن به نه چاهيندس ته فوج پنهنجن ماڻهن تي بندوق کڻي، فوج ئي عوام جي محافظ آهي. فوج کي پابند ڪنداسين ته هو غير آئيني قدم نه کڻن. عدالت ڪيس جي شنوائي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button