اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۽ ايران جو 5 سالن لا واپاري معاهدو/ چاهيون ٿا ته سرحدن تي امن بحال رهي:بلاول ڀٽو

اسلام آباد :پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ 5 سالن جي اسٽريٽجڪ واپاري معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن. پرڏيهي وزارت ۾ پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن واپار سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار جي معاهدن تي صحيحون ڪيون. ان کانپوءِ گڏيل نيوز ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايران گوادر ۾ بجلي فراهم ڪرڻ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪيو. 2023ع کان 2028ع تائين گڏيل واپاري معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جنهن سان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻطرفي واپار 5 ارب ڊالرن تائين وڌي ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ جو عمل عوام لاءِ ايندڙ ڪيترن سالن تائين فائديمند ثابت ٿيندو. هن چيو ته ايران سان واپار، زراعت، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ وڌيڪ تعاون ۽ 2028 تائين گڏيل واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. هن چيو ته ملاقات دوران باقي 5 سرحدي مارڪيٽن کي هلندڙ سال جي آخر تائين فعال ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران موجوده معاهدن تحت سزا يافتا سمورن قيدين کي وطن واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن ۾ قيد مهاڻن کي آزاد ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي اختيارين طرفان لڳايل ڏنڊ واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ٻنهي ملڪن فيصلو ڪيو آهي ته قيدين جون لسٽون هڪ ٻئي سان مٽايون وينديون، اسان چاهيون ٿا ته سرحد تي امن امان جي صورتحال برقرار رهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي طرف معاهدي تي تيزي سان عملدرآمد جي لاءِ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي ويندي، ملاقات ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان چيو ته ٻئي ملڪ معيشت، واپار ۽ ثقافت تي ڪم ڪري رهيا آهن، گئس پائيپ لائين منصوبو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، ايران، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏيل سيڙپڪاري وارو منصوبو هجڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪ-ايران سرحدي مارڪيٽن جي قيام سان واپار ۾ آساني ٿي رهي آهي، واپار ۾ وڌيڪ واڌ چاهيون ٿا. ايراني پرڏيهي وزير باجوڙ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button