اسلام آبادپاڪستان

يونيورسٽين جا بل پيسا وٺي منظور ڪيا پيا وڃن:قومي اسيمبلي ۾ احتجاج

اسلام آباد :قومي اسيمبلي ۾ ڪجهه ڏينهن اندر ڌڙاڌڙ بل منظور ڪيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ جماعت اسلامي جي ميمبر مولانا عبدالاڪبر چترالي قومي اسيمبلي ۾ يونيورسٽين جي قيام بابت بل جي منظوري تي احتجاج ڪندي چيو ته يونيورسٽين بابت قانون سازي تي ميڊيا ۽ عوام قومي اسيمبلي تي تنقيد ڪري رهيا آهن. هن الزام مڙهيو ته يونيورسٽين جا بل پيسا وٺي منظور ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته هن ڪورم جي نشاندهي ڪندي وڌيڪ بلن جي منظوري جو عمل ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو. جڏهن ته راڻا تنوير حسين به يونيورسٽين جا بل وڏي انگ ۾ منظور ڪرڻ تي خدشا ظاهر ڪندي چيو ته سڀاڻي انهن يونيورسٽين جي شاگردن جي ڊگرين جو به مسئلو ٿيندو. معياري تعليم تڏهن ٿي سگهي ٿي جڏهن يونيورسٽيون سموريون ضروري گهرجون پوريون ڪن. اسپيڪر قومي اسيمبلي چيو ته يونيورسٽيون ٺاهڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي. قانون سازي کانپوءِ جيڪڏهن ايڇ اي سي جا معيار پورا نه ڪيا ويا ته يونيورسٽي شروع نه ٿي سگهندي. مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته اسلام آباد ۾ ڪيتريون يونيورسٽيون ٺاهيون وينديون؟ اسيمبلي ۾ اهڙي قانون سازي جي سخت مخالفت ٿي رهي آهي. تعليم وڪرو ڪئي پئي وڃي. اڳ ئي موجود يونيورسٽين ۾ منشيات ۽ فحاشي جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن. ماڻهو چون ٿا ته ايم اين اي پئسا وٺي يونيورسٽين جي منظوري وٺي رهيا آهن. هوڏانهن پاڪستان شهري هوابازي بل 2023، صحافين ۽ ميڊيا پيش آورن جو تحفظ ترميمي بل 2023، پريس، اخبارون، نيوز ايجنسيز ۽ ڪتاب رجسٽريشن آرڊيننس ترميمي بل 2023، نيشنل اينٽي مني لانڊرنگ اينڊ ڪائونٽر فنانسنگ آف ٽيررازم اٿارٽي بل 2023 ۽ نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن بل 2023 سميت ڪيترن ئي بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button