اسلام آباد/راولپنڊي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته جيڪي ماڻهو امن کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا اهي اسان مان ناهن، جيڪڏهن ڳالهيون ٿينديون ته رڳو پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت وچ ۾ ٿينديون، ڪنهن به دهشتگرد گروپ سان نه ٿينديون. پشاور ۾ گرينڊ جرڳي ۾ کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته دهشتگردن سان ڳالهين سان ڪوبه فائدو ناهي، دهشتگردن وٽ رياست جي رٽ آڏو پيش ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير پشاور ۾ تاريخي گرينڊ جرڳي ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب قبائلي اڳواڻن ملڪ جي امن ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون. قبائلي اڳواڻن چيو ته قبائلي عوام فوج سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندو، تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ان جو نظريو ڪنهن به قبيلي کي قبول ناهي. پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيهڻ تي قبائلين جي خدمتن کي ساراهيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته اسان توهان مان آهيون ۽ توهان اسان مان آهيو، سمورا فوجي ۽ سيڪيورٽي ادارا ۽ پاڪستان جو عوام هڪ آهن، ضم ٿيل قبائلي علائقن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويندو. قبائلي عوام جي معاشي ترقي سان لاڳاپيل ترقياتي منصوبن ۾ سندن شرڪت کي يقيني بڻايو ويندو، نون ضم ٿيل ضلعن ۾ 81 ارب رپين جا ترقياتي ۽ فلاحي منصوبا شروع ڪيا ويندا، زير تعمير منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سموري مدد فراهم ڪئي ويندي.
جنرل عاصم منير چيو ته هٿياربند فوج خلاف دشمن قوتن جي پروپيگنڊا خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، پاڪستان ۾ مڪمل امن واپس ايندو، ڳالهيون صرف پاڪستان ۽ افغان حڪومت ۾ ٿينديون، ڪنهن به جٿي يا گروپ سان ڳالهيون نه ڪيون وينديون، دهشتگردن وٽ رياست جي رٽ آڏو پيش ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. هن چيو ته هي وقت آهي سمورن قبائلي علائقن کي ترقي ڏيارڻ ۽ نوجوانن تي ڌيان ڏيڻ جو، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪابه جاءِ ناهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ افغان شهرين جو ملوث هجڻ دوحا امن معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، پاڪستان کي پابندي پيل تنظيمن جي لاءِ دستياب پناهگاهن ۽ افغان سرزمين تي ڪاروائي جي ڇوٽ تي خدشا آهن. پاڪستان دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو، پاڪستان رياست مدينه کانپو ڪلمي تي ٺهندڙ ٻي رياست آهي، دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان جو ڪجهه به نٿي ڪري سگهي. امن کي تباهه ڪرڻ وارا اسان ۾ شامل ناهن، اسلام امن ۽ سلامتي جو مذهب آهي، مذهب کي دهشتگردي جي ور چاڙهيو ويو، انهن کي جواب ڏيڻو پوندو. افغان پناهگيرن کي پاڪستان جي قانون موجب رهڻو آهي،
آرمي چيف افغان حڪومت کان سوال ڪيو ته احسان جو بدلو احسان کانسواءِ ٻيو به ڪجهه ٿي سگهي ٿو؟ هن وڌيڪ چيو ته اسان الله جي راهه ۾ جهاد ڪري رهيا آهيون ۽ ڪاميابي اسان جي ٿيندي، پاڪ فوج جو مقصد شهيد يا غازي آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف ڪاميابي سان جنگ ڪري رهيو آهي ته جيئن مستحڪم ۽ پرامن ماحول کي ممڪن بڻائي سگهجي، پاڪستان جي آئين ۾ حڪمراني صرف الله جي آهي، پاڪستان جي بهادر فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رت جي آخري قطري تائين وڙهندي.