چمبڙ: چمبڙ ۾ چار شاخن چاڪر شاخ، ميرا کوري شاخ، زئور شاخ ۽ چمبڙ شاخ جي پڇڙين جي سوين آبادگارن مولابخش لغاري، مقبول لغاري، اميربخش رند، اشرف لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پڇڙين ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف بڪيراڻي آبپاشي آفيس اڳيان احتجاج ڪرڻ بعد ٽنڊوالھيار-ٽنڊو غلام علي روڊ تان اقبال پمپ تائين مارچ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ آبادگارن ٻڌايو ته گذريل 4 مھينن کان شاخن جي پڇڙين ۾ پاڻي نه پھچڻ سبب فصل سڪي تباھه ٿي ويا آهن. آبپاشي کاتي جا عملدار رشوت عيوض اسان جي حصي جو پاڻي شاخن جي منڍ جي آبادگارن جي واٽر ڪورسن جا موڳا ٽوڙائي چوري وڪرو ڪري رھيا آھن. اسان جي ڪجھه آبادگارن کي ڪجهھ ڏينھن اڳ ايڪسيئن نصير ڊويزن ۽ ايس ڊي او بڪيراڻي سب ڊويزن آبپاشي حيدرآباد ۾ ڳالھين لا گھرائي 5 ڪلاڪ ٿاڻي تي گرفتار ڪرائي لاڪپ ۾ رکرائي هراسان ڪيو. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته آبپاشي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري شاخن جي پڇڙين ۾ پاڻي فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close