پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ٽرين سانحو:هڪ بوگي جا ويل خراب،نشاندهي باوجود اڳتي وڃڻ ڏنو ويو

سرهاڙي: سرهاڙي ٽرين حادثي جي جاچ لا انڪوائري ڪميٽي جي ٽيم سرهاڙي ريلوي اسٽيشن لڳ ٽرين حادثي واري جا تي پهچي ٽريڪ ۽ پيل ملبي جو معائنو ڪرڻ بعد سرهاڙي اسٽيشن ماسٽر ۽ گينگ مين سميت ٻين ملازمن کي نوابشاھه ريلوي آفيس طلب ڪري ورتو. فيڊرل گورنمينٽ انسپيڪٽر ريلوي علي محمد آفريدي ۽ ڊي اي ايس توڙي ٻيا ريلوي آفيسر حادثي واري جا تي پهتا ۽ انڪوائري شروع ڪئي. انسپيڪٽر ريلوي سميت ٻين ملازمن کان حادثي جي اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا. سرهاڙي ٽرين سانحي جي اصلي حقيقت تي غور ويچار ڪيو ويو ته ڪوٽڙي اسٽيشن تي هڪ بوگي جي ويل جي جام ٿيڻ جي نشاندهي باوجود عارضي مرمت کانپو اڳتي وڃڻ جي اجازت ڇو ڏني وئي، بوگي جي ويل ۾ خرابي هئي ته پو ٽرين کي ڪنهن اڳتي وڃڻ جي اجازت ڏني؟ ريلوي آفيسرن موجب ٽريڪ جي ڪمزور هجڻ واري جا کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو. ريلوي ذريعن موجب ٽريڪ مضبوط هجي ها ته بوگين جا ويل جام ٿيڻ باوجود ٽرين جون بوگيون ڪلٽي نه ٿين ها ۽ نه ئي ايترو پري ڪرن ها، رڳو ٽرين جام ٿي وڃي ها، سرهاڙي ريلوي ٽريڪ جي حفاظت بنيادي طور تي انسپيڪٽر جي ذميواري آهي، اسٽيشن ماسٽر ٽرين کي اوور اسپيڊ هئڻ ڪري ڇو اڳتي وڃڻ جي اجازت ڏني؟ واضح رهي ته 11 ڏينهن اڳ سرهاڙي ڀرسان هزارا ايڪسپريس سان حادثو پيش آيو، جنهن سبب 10 بوگيون پٽڙي تان لهڻ ڪري 100 کان مٿي مسافر زخمي ۽ 30 مسافر فوت ٿي ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button