ڪراچي: سنڌ جو نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر وزيراعليٰ هائوس پهتو ته کيس گارڊ آف آنر ڏنو ويو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وقتي آءِ جي پوليس عمران يعقوب منهاس، صوبائي سيڪريٽريز ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري نگران وڏي وزير سان آفيسرن جو تعارف ڪرايو. نگران وڏي وزير باضابطا طور پنهنجو عهدو سنڀالي سرڪاري ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close