پاڪستانسنڌ

دادو ۾ شاگردياڻي کي جنسي حراسان ڪرڻ جو ايس پي نوٽيس ورتو، هڪ جوابدار گرفتار

دادو: دادو ۾ شاگردياڻي کي جنسي طور حراسان ڪرڻ جو ايس ايس پي نوٽيس ورتو. پوليس شاگردياڻي جي ڀيڻويي سميت 6 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب دادو شهر جي ڇاڻو شاهه آباد جي رهواسڻ انٽر جي شاگردياڻي کي جنسي حراسان ڪرڻ ۽ اغوا جي ڪوشش ڪرڻ واري خبر هلڻ بعد ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو معاملي جو نوٽيس وٺندي اي سيڪشن پوليس کي فوري طور ڪيس داخل ڪرڻ ۽ شاگردياڻي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جا حڪم ڏنو، جنهن بعد شاگردياڻي جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اي سيڪشن پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايل هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته ڪيس جو مک جوابدار شاگردياڻي جو ڀيڻويو گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي. ياد رهي ته شاگردياڻي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي الزام هنيو هو ته ڀيڻويي جنسي طور حراسان ڪيو، هو مسلسل دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو رهي ٿو، گذريل ڏينهن جوابدار دوستن سان گڏجي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button