ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئون وائرس- حڪومت ڪيتري تيار آهي؟

Editorial

وبائن سان ويڙهه ڪرڻ لا نه رڳو سياسي ساڃهه جي ضرورت هوندي آهي پر ان ماحول ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ضرورت به هوندي آهي ته جيئن عوام کي وڌيڪ مصيبتن کان بچائي سگهجي. جڏهن ڪورونا واري وبا آئي هئي ته پاڪستان جهڙي ملڪ ان کي شروعاتي ڏينهن ۾ سنجيده ڪونه ورتو. ملڪ جو وزير اعظم عمران خان قوم خطاب ڪندي چوندو رهيو ته اهو هڪ معمولي زڪام آهي، جيڪو لڳڻ کان پو ماڻهو پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو آهي. پر جڏهن صورتحال حڪومت جي ڪنٽرول مان نڪري وئي ته ان کان پو سندس چوڻ هو ته ماڻهو وبا کي سنجيده نٿا وٺن ۽ اها وبا ملڪ ۾ تباهي آڻي سگهي ٿي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ جي سياسي قيادت وبائن دوران ڪيئن ٿي سوچي ۽ ڪهڙي ريت عوام سندس ڪيل فيصلن جي ڪري ڀوڳيندو رهي ٿو. ڪورونا واري وبا ۾ نه رڳو وڌ کان وڌ ماڻهو مئا پر لکن جي انگ ۾ ان وائرس سبب متاثر به ٿيا آهن.
هن ڀيرو وري ڪورونا جو نئون قسم دنيا کي مفلوج ڪرڻ وارو آهي، جنهن کي اومي ڪرون چون ٿا. هي وائرس بنهه گهڻي تيزي سان پکڙجي ٿو، جنهن جي ڪري نه رڳو وڌيڪ موت ٿيڻ جا خطرا وڌي ويا آهن پر ان کان جيترو ٿي سگهي بچڻ به لازمي آهي. پر ڇا اسان جي حڪومت ان وائرس کان عوام کي بچائڻ لا تيار آهي، ان اهي سڀ اپا ڪري ڇڏيا آهن، جن وسيلي عوام کي ان وائرس کان بچائي سگهجي ۽ وڌيڪ پريشاني نه ٿئي. بظاهر ائين لڳي رهيو آهي ته عوام کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ئي ان وائرس کان بچڻو پوندو. پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن عوام پاڻ به ان لا تيار هجي. اها عجيب ڳالهه آهي ته عوام ان حڪومت تي ڀاڙي ٿو، جيڪا پاڻ عوام تي ڀاڙڻ لڳي پئي هوندي آهي. هاڻ جيڪڏهن اهڙي حڪومت جي آسري عوام لڳندو ته ان جو تازي آيل وائرس کان بچڻ مشڪل آهي. حڪومتي سطح تي به ان وائرس کي روڪڻ کي ناممڪن قرار ڏنو ويو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته هڪ وڏي تباهي لا تيار رهڻ گهرجي.

ڪالهوڪي آيل رپورٽ موجب نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سربراهه اسد عمر ڪورونا جي نئين ويرينٽ اومي ڪرون کي پاڪستان اچڻ کان روڪڻ کي ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ڪورونا جو نئون ويرينٽ انتهائي خطرناڪ آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهيو آهي ۽ نئين قسم جي حوالي سان اين سي او سي ڪجهه فيصلا ڪيا آهن. هاءِ رسڪ ايرياز ۾ ٽيسٽنگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گڏوگڏ ڪرونا ٽيسٽنگ ۾ به تيزي آڻڻ ۽ اثرائتو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته اين سي او سي ۾ سمورا فيصلا مستقبل کي نظر ۾ رکي ڪيا ويندا، پاڪستان ۾ نئين قسم کي ڪنٽرول لاءِ قدم کنيا پيا وڃن پر نئين قسم کان بچاءَ لاءِ ويڪسينيشن ئي اڪيلو ذريعو آهي. سندس چوڻ هو ته ٻاهران ايندڙن لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن. اسان احتياط سان نئين ويرينٽ جا اثر گهٽائي سگهون ٿا پر ان کي روڪي نٿا سگهون. پاڪستان ۾ ويڪسينيشن سبب ڪيترن ئي هفتن کان ڪورونا شرح گهٽ رهي. ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ وڏي ويڪسينيشن مهم شروع ڪري رهيا آهيون. اسد عمر چيو ته جن 3 ڪروڙ پاڪستانين پهريون ڊوز لڳرايو آهي، اهي بنا دير ٻيو ڊوز به لڳرائين. سمورا قدم کڻي ڪورونا جي نئين قسم ۾ گهٽتائي آڻي سگهون ٿا. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اهڙن ماڻهن کي بوسٽر ويڪسين لڳائي ويندي، جن ۾ ڪورونا وائرس جو وڌيڪ خطرو هوندو.
هاڻي حڪومت جيڪي ڪجهه چئي رهي آهي ان مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته خطرو موجود آهي ۽ ان خطري کي هلڪو نه وٺڻ گهرجي. پر حڪومت کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته ان جيڪي غلطيون گذريل ڀيري ڪورونا واري وبا دوران ڪيون هيون، انهن کي نه ورجايو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن غلطين جي ڪري نه رڳو عوام کي پريشاني ٿي هئي پر ڪورونا جا ڪيس به وڌي ويا هئا. مثال طور حڪومت لاڪ ڊائون ڪرڻ ۾ بنهه گهڻي دير ڪري ڇڏي هئي. جنهن کان پو هر پاسي ڪورونا جي پکڙجڻ جون خبرون اچي رهيون هيون ۽ ماڻهن کي مرڻ جو انگ به وڌي ويو هو. جيڪڏهن هن ڀيري حڪومت کي لاڪ ڊائون ڪرڻو آهي يا ڪوبه اهڙو فيصلو ڪرڻو آهي، جنهن سان اها سمجهي ٿي ته نئين وائرس کان بچا ڪري سگهجي ٿو ته پو ان کي عمل ۾ آڻڻ لا وقت سر فيصلو ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ هي وائرس بنهه گهڻي تباهي مچائي ڇڏيندو جنهن کي منهن ڏيڻ جي قابليت گهٽ ۾ گهٽ هاڻوڪي حڪومت ۾ ته ناهي. ان ڪري ان پاسي وڌيڪ چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي. پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن وفاقي حڪومت سڀني صوبن سان گڏجي فيصلا ڪري ۽ اڪيلي سر فيصلا ڪرڻ کان پرهيز ڪري.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي وائرس کان بچڻ لا وري به احتياط ڪم ايندو. عوام کي اجايو حڪومت تي به ڀاڙڻ جي ضرورت ڪانهي. تنهنڪري عوام وڌ کان وڌ احتياط ڪري ۽ ان غلط فهمي ۾ نه رهي ته ملڪ مان ڪورونا جو خاتمو ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button