رانديون

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي آءِ پي ايل ۾ پنهنجو معاوضو گهٽائي ڇڏيو

ممبئي: ڀارت جي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪپتان ويرات ڪوهلي انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ پنهنجو معاوضو گهٽائي ڇڏيو آهي. اڳوڻي ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين پارٿيو پٽيل چيو آهي ته ويرات ڪوهلي پنهنجو معاوضو گهٽائڻ جو فيصلو رائل چيلنجرز بينگلور جي بهترين مفاد ۾ ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ويرات ڪوهلي پهريون رانديگر آهي جنهن کي رائل چيلينجرز بينگلور آءِ پي ايل جي “ريٽينشن پاليسي” تحت ايندڙ سيزن لاءِ برقرار رکيو آهي پر آ پي ايل جي سيلري ڪيپ مطابق آر سي بي ويرات ڪوهلي کي 15 ڪروڙ ڀارتي روپيا معاوضي طور ادا ڪري سگهي ٿو، جيڪا سندس پوئين معاوضي کان گهٽ آهي.

ويرات ڪوهلي کان علاوه رائل چيلنجرز بينگلور طرفان موجوده آئي پي ايل سيزن لاءِ باقي ٻه رانديگر برقرار رکيا ويا آهن، جنهن ۾ آسٽريليا جو گلين ميڪسويل ۽ هندستان جو محمد سراج شامل آهن. ميڪسويل کي 11 ڪروڙ ۽ محمد سراج کي 7 ڪروڙ ڀارتي روپين تي برقرار رکيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button