رانديون

عابد علي مشڪل حالتن ۾ شاندار پرفارم ڪيو: قومي ٽيم جو ڪپتان بابراعظم

لاهور: اوپنرز جي ثابت قدمي ڪپتان جي دل کٽي ورتي، جڏهن ته بابراعظم جو چوڻ آهي ته عابد علي مشڪل حالتن ۾ شاندار پرفارم ڪيو، عبدالله شفيق به ڊيبيو ميچ ۾ پنهنجي اننگز کي اڳتي وڌايو. چٽگانگ ٽيسٽ ۾ فتح کانپوءِ ڳالهائيندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته ڊگھي فارميٽ جي ڪرڪيٽ ۾ اپس اينڊ ڊائونز هوندا آهن پر ڪم بيڪ جو به موقعو هوندو آهي، اها به ٽيسٽ فارميٽ جي خوبي آهي.

اسان کي پهرين ميچ کان اڳ تياري ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت نه مليو پر خوش قسمتي سان بنگلاديش طرفان وڏي پارٽنرشپ ٺاهڻ کانپوءِ فاسٽ بالرن سٺي واپسي ڪئي. هن چيو ته حسن علي ۽ شاهين شاهه آفريدي شاندار بالنگ ڪري بيٽنگ تي دٻاءُ گهٽايو، پارٽنرشپ ٽوڙڻ لاءِ مستقبل ۾ پنهنجي بالنگ کي بهتر ڪرڻو پوندو، عابد علي ٻنهي اننگز ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري. عبدالله شفيق ڊيبيو ميچ ۾ شاندار اننگز کيڏي، نوجوان اوپنرز کان مستقبل ۾ به ذميواري سان بيٽنگ جي اميد آهي، ٻنهي جي شاندار پرفارمنس سبب ٽيم مشڪل صورتحال مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button