ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي مخالفن سان نه، پر انتهاپسندن سان ڳالهيون!

الهه بخش راٺوڙ

هي ڪهڙا سياسي ماڻهو آهن، يا هي ڪنهن جي اشاري تي سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن، هينئر تائين جن خدشن جو اظهار آمريڪي ۽ دنيا جا ٻيا ٿنڪ ٽينڪ ڪري رهيا آهن، انهن کي عمران خان جهڙا حڪمران درست ثابت ڪري رهيا آهن. هي ٽن ڏينهن جي ڳالهه آهي، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه سميت فوجي قيادت، آمريڪي سينيٽ جي ڪميٽي اڳيان پنهنجا بيان ريڪارڊ ڪرائيندي واضح لفظن ۾ ڄاڻايو ته پاڪستان جي حڪمرانن ۽ طالبان ۾ ڪوبه فرق ناهي، پاڪستان نه سياسي سفارتي سطح تي، پر معاشي ۽ فوجي لحاظ کان افغان طالبان جي مدد ڪري رهيو آهي، هي اهي طالبان آهن، جيڪي القاعدا سان جڙيل آهن ۽ انهن ڪڏهن به پنهنجو پلئو انهن کان آجو نه ڪيو آهي، ان سان گڏ هي ساڳيان افغان طالبان آهن، جيڪي اساما بن لادن جيان بندش وڌل ٽي ٽي پي پاڪستان جي دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيا آهن ۽ اتان پاڪستان جي فوجي جوانن ۽ شهرين تي حملا ڪن پيا، وڏي ڳالهه ته افغان طالبان، بندش پيل ٽي ٽي پي جي دهشتگردن کي روڪڻ لاءِ تيار ناهن، اهي به پاڪستان کي پنهنجي اوقات ياد ڏيارڻ لاءِ ٽي ٽي پي جي ذريعي گوڏن کوڙڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا ۽ هي حڪمران، جيڪي عمران خان جي صورت ۾ موجود آهن، اهي بليڪ ميل ٿي رهيا آهن. هينئر آمريڪي جنرلن جي ڳالهه کي عمران خان درست ثابت ڪري ڇڏيو آهي.
عمران خان پرڏيهي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ تصديق ڪئي آهي ته هو بندش پيل تنظيم تحريڪ طالبان جي ڪجهه گروپن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، بقول عمران خان جي ته “مان سياسي ماڻهو آهيان، فوجي حل بدران ڳالهين ۾ يقين رکان ٿو، انڪري دهشتگرد هٿيار ڦٽا ڪن ته هو انهن کي عام شهرين جيان رهڻ ڏيندا”! هي ساڳيو فارمولو جيڪڏهن ملڪ جي مخالف ڌر لاءِ تجويز ڪجي ٿو ته اهو چيو وڃي ٿو ته اهي چور آهن، ڪرپٽ آهن ۽ انهن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍيو آهي. جيڪڏهن حڪمرانن جي هي ڳالهه درست قرار ڏجي ته اڳوڻا حڪمران بقول عمران خان جي چور ۽ ڌاڙيل آهن، پر اهي گهٽ ۾ گهٽ قاتل ناهن، اهي دهشتگرد ناهن، انهن جا هٿ معصوم عورتن، ٻارن ۽ بزرگن جي خون ۾ ٻڏل ناهن. توهان پنهنجن مخالفن تي ڪهڙا به الزام مڙهيو، پر اهي دهشتگرد ناهن، انهن فوج جي جوانن جون سسيون سر کان ڌڙ کان ڌار ڪري، انهن کي هوا ۾ نه لهرايو، نه ئي وري عام شهرين جا سر ڌڙ کان ڌار ڪيا، نه وري ڪنهن ملالا تي حملو ڪري ان کي مرڻينگ ڪيو، نه ئي انهن ڪنهن اي پي ايس پشاور اسڪول جي معصوم ٻارن ۽ ٽيچرز تي ڪيميائي هٿيارن سان حملو ڪري انهن جو قتل عام ڪيو. ڇا هي سياسي ويزن آهي؟ سياسي ماڻهو ان کي چئبو آهي؟ هي ساڳيا دهشتگرد آهن، جن ٻه ڀيرا وزير اعظم رهندڙ ۽ هن خطي ۽ عالمي طور تي قدآور سياستدان محترما بينظير ڀٽو تي حملو ڪري ان کي شهيد ڪري ڇڏيو. هنن کي ان وقت ٿورو به خيال نه آيو ته هو هڪ عورت سياستدان تي ڪيئن حملو ڪري رهيا آهن! انهن کي ملڪ جي عام شهرين جو به خيال نه آيو ته انهن جو آمريڪي ڊرون حملن سان ڪوبه واسطو نه هو، نه ئي وري انهن ٻارن ڪو گناهه ڪيو هو، جيڪي پنهنجي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا ۽ کين گولين جو نشانو بڻايو ويو.
عمران خان جي سياسي ماڻهو هجڻ تي ڪيترائي سوال اٿاري سگهجن ٿا. سياستدان هميشه ويزن وارا ٿيندا آهن، انهن کي پنهنجي نڪ کان اڳتي نظر ايندو آهي، پر هي ڪهڙا سياستدان آهن، جيڪي پاڻ چون ٿا “آ بيل مجهي مار”! جيڪڏهن سياسي ويزن اهڙو ئي ٿيندو آهي ته پوءِ ماٺ ئي ڀلي آهي. اهي جيڪي واڳ ڌڻين جا ٻولڙيا آهن، اهي وري چون ٿا ته آمريڪي سينيٽ ۾ جيڪو ڪجهه چيو ويو، ان جو صرف ايترو مقصد هو ته پاڪستان کي گوڏن ڀر جهڪڻ تي مجبور ڪجي. پاڪستان جي معيشت تي قبضو ڪجي. ان سان گڏ آخري ڳالهه ته پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي قبضو ڪجي. هي خدشو، پهريان به ۽ هاڻ به صرف آمريڪي جنرل نه پر دنيا جا ٿنڪ ٽينڪ ظاهر ڪري چڪا آهن ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا محفوظ ناهن ۽ اهڙا انتها پسند آهن، جيڪي انهن تي قبضو ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن هي رپورٽون درست نه به هجن، ان جي باوجود حڪمرانن جي سياسي ويزن تي حيرت ٿي رهي آهي. هي ڀلي Absolutely not جا راڳ الاپيندا رهن، پر ان جي باوجود آمريڪي صدر جو بائيڊن، عمران خان کي فون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نه ئي وري عمران خان جي فون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ تيار آهي!
بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جي نويد رڳو عمران خان نه پيو ٻڌائي پر ملڪ جو ڏندن جو ڊاڪٽر ۽ حادثاتي صدر عارف علوي ۽ وڏي ڳالهه ته شاهه محمود قريشي به وزير اعظم کان پهريان مشروط ڳالهين جا “انڪشاف” ڪري چڪا آهن. عمران خان هميشه دير ڪري ڇڏيندو آهي، پر صدر توڙي پرڏيهي وزير جا انڪشاف رڳو رد عمل لاءِ هئا. انهن ڌرين جي ردعمل جو انتظار ڪيو پئي ويو، جيڪي دهشتگردي خلاف جنگ کان سڌا متاثر ٿيا، جن جا پيارا، پوءِ اهي وردي ۾ هجن يا بنا وردي جي، جنگ جو کاڄ ٿيا، جن جو خون پاڻي جيان وهايو ويو. اهي جن جو تعداد 72 هزار ٻڌايو ويو، جن ۾ 15 هزار وردي سان به هئا، انهن جي ذهن تي هاڻ جيڪي هٿوڙا هنيا پيا وڃن، انهن قربان ٿيندڙن جي گهر ڀاتين ۽ پيارن جو ڪهڙو ردعمل ٿي سگهي ٿو؟ اهي ڇا محسوس ڪندا هوندا؟ اها ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي.
جنرل اسد دراني، جنهن کي ڀارتي انٽيليجنس چيف سان گڏجي ڪتاب لکڻ تي هن جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو ۽ ان جي پنهنجي اداري کيس عاق ڪري ڇڏيو. هن تازوئي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ واضح طور تي چئي ڇڏيو ته نه صرف پاڪستان کي، بندش پيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان سان جنگ پاڻ وڙهڻي پوندي، پر افغان طالبان ڪنهن به صورت ۾ انهن تي دٻاءَ نه وجهندا ته دهشتگرد پاڪستان جي ڌرتي تي حملا نه ڪن. هن اهو به انڪشاف ڪيو ته ڏينهون ڏينهن پاڪستان جي فورسز تي طالبان جا حملا وڌندا ۽ اهو ئي ٿيو. نه صرف جوانن پر آفيسرن کي به شهادت جو جام پياريو ويو. واڳ ڌڻين جا اندريان حلقا، جن جو اظهار ميڊيا جي ڪجهه حلقن ۾ اچي رهيو آهي، اهي سمجهن ٿا ته پاڪستان جي حڪمرانن کي بندش پيل ٽي ٽي پي سان اڄ يا سڀاڻي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، افغانستان جي طالبان حڪومت مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي، اهي ٿورو سک جو ساهه کڻن ته اهي ٽي ٽي پي جي سهڪار سان پاڪستان تي ئي حملا ڪندا. هي طالبان ڪيترا پاڪستان جا دوست آهن، ان جو اندازو سندن هاڻوڪي سياسي رويي مان لڳائي سگهجي ٿو. بندش پيل ٽي ٽي پي، افغان طالبان لاءِ اهڙو هٿيار آهن، جنهن کي هو ڪنهن به وقت استعمال ڪري پاڪستان ۾ خوف ۽ ڊپ واري ڪيفيت پيدا ڪري سگهن ٿا. بقول واڳ ڌڻين جي حامين جي ته عمران خان جهڙا ڊڄڻا حڪمران، ٽي ٽي پي وارن سان وڙهي نٿا سگهن، انهن کي ته پهريان ئي طالبان خان سڏيو ويندو هو. باقي رهيل ڪسر افغانستان جي فوج جي سربراهه پوري ڪري ڇڏي. هن ته کلي عام چئي ڇڏيو ته عمران خان گهڻيون ٻٽاڪون نه هڻي، هو به پاڪستان جي واڳ ڌڻين جي ڪٺ پتلي آهي! هن جو هي انٽرويو هو ته پشتو يا دري ۾، پر ان جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري سپرز سان هلايو ويو ته جيئن پاڪستان جي حڪمرانن جون اکيون کلي سگهن. هي سڀ ڪجهه ساڳي رٿابندي جو حصو لڳي رهيو آهي، هڪ طرف پاڪستان کي سفارتي محاذ تي اڪيلو ڪيو ويو آهي، ايستائين جو عمران خان هن ڀيري ڪنهن به عالمي اڳواڻ پاران ملاقات جو آسرو نه ڏيڻ تي ويڊيو لنڪ تي ئي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪري مٿي تان بار لاٿو، باقي شاهه محمود قريشي وري نيويارڪ جون ڳليون ڪڇيندو رهجي ويو!
عمران خان جهڙا حڪمران، جيڪي بندش پيل ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي تصديق ڪن ٿا، انهن کي اها به خبر هوندي ته طالبان جو اهڙو ڪهڙو طاقتور گروپ آهي، جيڪو واڳ ڌڻين سان ٽيبل تي ويهڻ لاءِ تيار آهي؟ هي ماضي ۾ جيئن پنجابي طالبان ۽ ڪجهه ٻين ننڍن وڏن گروپن سان معاملا طئي ڪرڻ جي هام هڻي چڪا آهن، هاڻ به ساڳي صورتحال سامهون ايندي. پنجابي طالبان کي ڪير نٿو سڃاڻي، هي اصل ۾ حڪمرانن جا پيٽي ڀائي آهن، انهن جا اڳواڻ ۽ ٽرينر ٻيا ناهن، پر جنرل رٽائرڊ ظهير السلام جهڙا آهن، جن کي محترما بينظير ڀٽو جي جمهوري حڪومت جي قائم ٿيڻ تي پيٽ ۾ وٽ پيا هئا، انڪري ئي ته کين گرفتار ڪيو ويو. ان نوعيت جو هڪڙو گروپ ناهي، پر تمام گهڻا آهن ۽ انهن جا وري اهڙا sleeping cells به آهن، جيڪي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي چڪا آهن ۽ اهي هينئر پاڻ کي ٻي عالمي جنگ جا سپاهي سمجهن ٿا!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button