اسلام آبادپاڪستان

زرعي ملڪ هوندي به گيهه، داليون ۽ کنڊ ٻاهران گهرائي رهيا آهيون:وفاقي حڪومت

اسلام آباد:ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته اسان زرعي ملڪ هجڻ باوجود فوڊ امپورٽر بڻجي ويا آهيون. داليون، گيهه ۽ کنڊ ٻاهران گهرائي رهيا آهيون. خطي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت اڃا به گھٽ آهي. پيٽرول جون قيمتون گهٽ وڌائڻ سان 2 ارب جو نقصان ٿيو آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو آهي ته اسان آ ايم ايف وٽ جامع منصوبو کڻي وڃي رهيا آهيون. رڳو 16 ملڪ اهڙا آهن جتي پيٽرول جي قيمت اسان کان گھٽ آهي ۽ اهي ملڪ پاڻ تيل پيدا ڪندڙ آهن. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن ڀارت، بنگلاديش جي ڀيٽ ۾ به پاڪستان ۾ پيٽرول جون قيمتون گھٽ آهن. قيمتون خطي ۽ دنيا جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهن، ڇا اسان ان ۾ وڌيڪ گھٽتائي ڪرڻ چاهيون ٿا؟ ته بلڪل ڪرڻ چاهيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته هن وقت مسئلو اهو آهي ته جيڪڏهن حڪومت اگهه گھٽائڻ چاهي ته روينيو ضرورتون پوريون ڪرڻ لا ان کي کيسي مان پيسا ڏيڻا پوندا ۽ پيٽرول ليوي جيڪا 2018ع ۾ 30 رپيا في لٽر هئي، اها گھٽجي 2 کان اڍائي رپين تائين اچي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت بجيٽ ۾ پيٽرول جي مد ۾ 600 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو هدف رکيو آهي، ان باوجود اسان ليوي ناهيون رکي رهيا. وزيراعظم ان جي پرواهه نه ڪئي ۽ چيو ته عوام تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي. وفاقي وزير ٻيهر ورجايو ته پاڪستان جي معيشت ترقي ڪرڻ شروع ڪئي آهي، جنهن جا اثر روينيو تي پئجي رهيا آهن. ايف بي آر هن وقت 3 مهينن جي عرصي ۾ پنهنجي هدف کان 190-185 ارب رپيا وڌيڪ گڏ ڪيا آهن. شوڪت ترين چيو ته اسان وزيراعظم جي هدايت تي ڪامياب پاڪستان جو پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ ٿوري دير ٿي وئي آهي. هن ٻڌايو ته ان پروگرام تحت 40 کان 60 لک زرعي خاندانن کي هر فصل لاءِ ڏيڍ لک رپيا ڏنا ويندا ۽ هر سال 2 رپيا انهن کي اوزارن جهڙوڪ ٽريڪٽر، ٿريشر وغيره لاءِ ڏنا ويندا ۽ شهرين گهراڻن کي 5 لک رپيا ڪاروبار لاءِ بنا وياج جي ڏنا ويندا. سندس چوڻ هو ته ڪرونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ مهانگائي ٿي آهي، هڪ ڪروڙ 20 لک غريب گهرن کي اڪٽوبر کان کائڻ پيئڻ جي شين تي سڌي ريت سبسڊي ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته زراعت جي شعبي ۾ ڪوتاهي جو نتيجو ڀوڳي رهيا آهيون. ڪڻڪ، کنڊ، داليون، گيهه ٻاهران گهرائي رهيا آهيون. حڪومت کي نقصان ٿي رهيو آهي پر فيصلو ڪيو آهي ته کنڊ 90 روپيا ڪلو وڪرو ڪنداسين. شوڪت ترين چيو ته سيلز ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏئي گيهه کي سستو ڪنداسين. پاڪستان جو وزيراعظم غريبن جي ڏک سور کي سمجهي ٿو. غريب طبقي کي سبسڊي ڏينداسين. ساڍا 12 ملين گهراڻن کي سڌي ريت فوڊ سبسڊي ڏني ويندي، ملڪ جي 40 سيڪڙو آبادي هن سبسڊي کان فائدو کڻندي. جڏهن ته فرخ حبيب چيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ صوبائي حڪومتن جي به ذميواري آهي. اسان ڊگهي مدي وارن منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. حڪومت مهانگائي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي تي هاڻ فوڪس ڪري رهيا آهيون. اڄ پنجاب ۾ هڪ هزار 950 رپيا في مڻ ڪڻڪ رليز ڪري رهيا آهيون. سنڌ جي گودامن ۾ اڃا تائين ڪڻڪ پيل آهي. سنڌ جي سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ ريليز نه پئي ڪئي وڃي. حڪومت ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي. انتظاميا کي ذخيرو ڪندڙن جي خلاف قدم کڻڻ لاءِ چئي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button