اسلام آبادپاڪستان

اپوزيشن جماعتن جي وفاقي سرڪار تي سخت تنقيد،مهانگائي خلاف احتجاج ۽ بائيڪاٽ

اسلام آباد:)قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اپوزيشن جماعتن وفاقي سرڪار تي سخت تنقيد ڪندي پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ تي سخت احتجاج ڪندي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ڪالهه ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته اپوزيشن ميمبرن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي خلاف پلي ڪارڊ کنيا ۽ پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا ۽ وزيراعظم عمران خان خلاف سخت نعريبازي ڪئي. اجلاس دوران مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا آصف چيو ته ڪيترن ئي هفتن کان حڪومت طرفان سوالن جا جواب ناهن ملي رهيا. هن ڊپٽي اسپيڪر کان سوالن جا جواب نه ملڻ تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. خواجا آصف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي مخاطب ڪندي چيو ته عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو ويو آهي، خدارا عوام تي رحم ڪيو. ان کان پوءِ اپوزيشن جماعتن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيٽرول شين جي اگھن ۾ واڌ تي سخت احتجاج ڪيو. احتجاج دوران اپوزيشن ميمبرن هٿن ۾ بينر کڻي پنهنجي سيٽن تي اٿي نعريبازي ڪندا رهيا. جنهن کان پوءِ اپوزيشن ميمبرن احتجاجن اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪري بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. اپوزيشن جي نعريبازي، احتجاج ۽ هنگامي سبب ايوان مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو. اپوزيشن اڳواڻن پارليامينٽ هائوس ٻاهران به احتجاج ڪيو ۽ حڪومت مخالف نعريبازي ڪئي.
مهانگائي هنگامو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button