اسلام آبادپاڪستان

ڪالعدم ٽي ٽي پي سان طالبان جي سهڪار سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن: وزيراعظم

انقره: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مفاهمتي عمل تحت پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان هٿيار ڦٽا ڪرڻ لا افغان طالبان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان ترڪ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جا ڪجهه گروپس حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا، اسان به ٽي ٽي پي جي ڪجهه گروپن سان رابطي ۾ آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽي ٽي پي سان ڳالهين ۾ افغان طالبان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، طالبان جي ٽياڪڙي ان حد تائين آهي جو ڳالهيون افغانستان ۾ ٿي رهيون آهن. هن چيو ته پابندي پيل تحريڪ طالبان پاڪستان هٿيار ڦٽا ڪري ته انهن کي معافي ملي سگهي ٿي، ٽي ٽي پي وارا عام شهري طور رهي سگهن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته “مان فوجي حل ۾ يقين نٿو رکان، سياستدان هجڻ سبب سياسي ڳالهين کي ئي اڳتي جو رستو سمجهانٿو جيئن مون افغانستان بابت پڻ چيو هو.” هن چيو ته “اسان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيو، ٿي سگهي ٿو ته ڪو نتيجو نه نڪري سگهي، پر اسان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button