اسلام آبادپاڪستان

آمريڪا کي هوائي حدن جي اجازت جو فيصلو ڪابينا ڪندي

اسلام آباد :پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪا کي پاڪستان جي هوائي حدن جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪابينا ڪندي. آمريڪي سينيٽرن طرفان افغانستان جي حوالي سان پيش ڪيل قانوني مسودي تي خاموش نه ويهنداسين. ڪالهه ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪا ۾ ڪجهه لابيون ۽ اسان جا پاڙيسري ان بل جي پٺيان آهن. ڪانگريس کي افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي سمجهڻو پوندو. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي معاملي تي پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ مسئلي جو حل ناهن. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ پاڪستان کي سپورٽ ڪرڻ تي ڊينمارڪ جا ٿورائتا آهيون. پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ گرين پارٽنر شپ جو معاهدو ٿيو آهي. جڏهن ته ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير چيو ته اسان سڀني جا افغانستان ۾ گڏيل مفاد آهن، نٿا چاهيون ته افغانستان ۾ دهشتگرد گروپ ٻيهر منظم ٿين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button